احمدپور لڳ واهه کي 15 فٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ

احمدپور (رپورٽ : نديم راجا ميتلو ) احمدپور لڳ ڳوٺ قادن ميتلو وٽان عالي واھ کي 15 فٽن جو گهارو پئجي ويو گهاري پوڻ سبب آبادگارن برڪت علي، لياقت علي، دائم فقير، رمضان فقير، ۽ شوڪت علي ميتلو جا تيار ٿيل فصل ڪمند ڪيلا ،جوئر، کجين جا باغ ۽ ٻيا فصل پاڻي  هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته آبادگارن جي اطلاع ڏيڻ باوجود به آبپاشي عملو نه گهاري واري هنڌ پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪري وڌيڪ فصلن کي نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو، ان سلسلي ۾ آبادگارن جو چوڻ هو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان عالي واھ جي کاٽي نه ٿي سگهي آهي جنھن ڪري واھ جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ گهارا پوڻ زور جو معمول بڻيل آهن جنهن ڪري آبادگارن جو لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، آبادگارن آبپاشي کاتي جي اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مقرر عملي خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.