ميرانخور ڍنڍ تي قبضي خلاف ٺٽي ۾احتجاج

ٺٽو(ڊر) ميرپور ساڪرو لڳ ڇڇ ميرانخور ڍنڍ تي بااثر ماڻھن پاران روينيو کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪري ماھيگيرن جو روزگار بند ڪري ڍنڍ تي قبضو ڪرڻ واري عمل خلاف ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو ڇڇ ميرانخور جي رھواسي ماھيگيرن محمد قاسم ميربحر منڇرو، عبداللہ ميربحر منڇرو، علي اصغر منڇري، ارباب کمن سمون سان گڏ فشريز کاتي ٺٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر غلام مصطفيْ ميمڻ، انسپيڪٽر فشريز حفيظ الرحمان سومرو، ميوو خان جاکرو سان فشريز کاتي جي مڪلي واري آفيس ۾ ملاقات ڪري کيس ڇڇ ميرانخور ڍنڍ تي ٿيل قبضي جي اگاھي ڏيندي چيو تہ ڪراچي جي بااثر ماڻھن پاران ڇڇ ميرانخور ڍنڍ تي روينيو کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪري ماھيگيرن جو روزگار ختم ڪري ڍنڍ کي بند ڏياري مقامي ماھيگيرن کي بيدخل ڪرڻ چاھي ٿو، ھنن گھر ڪئي تہ فورن قبضو خالي ڪرائي قبضاگير خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ان موقعي تي فشريز کاتي ٺٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٺٽو غلام مصطفيٰ ميمڻ متاثر ماھيگيرن کي خاطري ڪرائي تہ ڇڇ ميرانخور قديمي سرڪاري ڍنڍ آھي، جنھن جا مقامي ماھيگيرن کي کاتي پاران مڇي مارڻ جا لائيسنس بہ جاري ٿيل اھن. ھن چيو تہ ڇڇ ميرانخور تي ڪوبہ قبضو ہرداشت نہ ڪنداسين، ھن چيو تہ اسان فشريز کاتي جي صوبائي وزير، ڊي سي ٺٽو سميت ايس ايس پي ٺٽو کي لکت ۾ ليٽر جاري ڪريون ٿا ۽ جلد ڍنڍ کي بااثر ماڻھن جي قبضي کان آجو ڪري سرڪاري تحويل ۾ وٺي ماھيگيرن جو روزگار بچايو ويندو. ان موقعي تي ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، قاسم ميربحر منڇرو، عبداللہ ميربحر منڇرو، اصغر منڇري ۽ ٻين چيو تہ ڇڇ ميرانخور ڍنڍ ماھيگيرن جي روزگار جو واحد وسيلو آھي، جنھن تي ڪوبہ قبضو برداشت نہ ڪنداسين. ھنن چيو تہ ڍنڍ تان جلد قبضو خالي نہ ٿيو تہ ٿيل قبضي خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين.

چالان پيش نه ڪرڻ تي ايس ايڇ او گهوڙا ٻاري گرفتار

ٺٽو/گھوڙاٻاري (نمائندا) ٺٽي جي عدالت گھوڙاٻاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي عورت جي قتل ڪيس جو حتمي چالان پيش نہ ڪرڻ تي  گرفتار ڪرائي ورتو، فرسٽ سول  جج ٺٽو راڻا سيف اللّٰه جي عدالت هڪ سال اڳ ور شھر ڀرسان مُبينا طور مارجي ويل عورت آمنت چانڊيو جي قتل ڪيس جو سال گذرڻ باوجود حتمي چالان پيش نہ ڪرڻ تي ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي شروع ڪندي مٿس ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ، فرسٽ سول جج ٺٽو جي عدالت عدالت ۾ طلبي تي پيش ٿيل ايس ايڇ او گھوڙاٻاري عبدالحميد رودناڻي کي ڪمرا عدالت ۾  عدالتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ، مسلسل عورت آمنت چانڊيو جي قتل ڪيس جي گُھربل حتمي فائنل چالان ۽ ڪيميڪل رپورٽون عدالت ۾ پيش نہ ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ايس ايڇ او کي ڪسٽڊي ڪرائي ڇڏيو، ياد رھي ته  ھڪ سال اڳ ور شھر لڳ مبينا طور تي ڪارنھن الزام ۾ آمنت چانڊيو کي قتل ڪري سندس لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنايو ويو ھو ، پوليس جي مدعيت هيٺ گھوڙاٻاري ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ٿيڻ بعد عدالتي حڪم تي قتل ٿيل عورت جي قبرڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪرائي ويئي هئي ، گھوڙاٻاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او  آمنت چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي رپورٽ، ميڍيڪل توڙي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ حتمي چالان پيش ڪرڻ کان لنوائي رھيو ھو ، عدالت جي گرفتاري واري حڪم کان پو۽ ايس ايڇ او گھوڙاٻاري  عدالت کي لکت ۾ معافي نامو لکي ڏنو جنھن کان پو۽ عدالت حڪم جاري ڪندي کيس پنج ڪلاڪ سزا طور پوليس نگراني ھيٺ عدالت ۾ ويھاري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.