غوثپور لڳ ٻن ڌرين ۾جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي

غوثپور (ن ع آ)غوثپور۔ شھر جي مکي محلي ۾ دايا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو۔ ڪھاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت پنج ڄڻه سخت زخمي۔ اسپتال داخل، وڌيڪ  مليل معلومات موجب شھر جي مکي پاڙي ۾ دايا برادري جي ٻن ڌرين مشتاق ۽ مختيار دايو وارن ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھيو جنھن ۾ اڄ ٻئي ڌريون وري مشتعل ٿي ويون ۽ ھڪ ڌر ٻي ڌر جي گھر ۾ گھڙي عورتن ۽ ٻارن تي حملو ڪري ڏنو ان حملي دوران لٺين ۽ ڪھاڙين جو به استعمال ڪيو ويو جنھن ۾ ٻھ عورتون مائي ارشاد خاتون۔ مسمات صبا۔ عامر۔ عرفان ۽ عمران دايو سميت ھڪ ئي گھر جي پنج ڀاتي سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارث کڻائي شھر جي سرڪاري اسپتال ويا ته اتي ڊاڪٽر موجود نه ھيو جنھن بعد ٿاڻي تان ليٽر وٺي کين سول اسپتال ڪنڌڪوٽ روانو ڪيو ويو۔ متاثرن دانھيو ته مشتاق دايو بااثر ھجڻ ڪري ھميشه اسان سان ناجائزيون ڪري ٿو۔ اسان جي گهرن ۾ گهڙي عورتن ٻارڙن تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي اسان جي جان کي خطرو آهي ڪنهن به وقت گهر تي حملو ڪري سگهين ٿا ھنن ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ ۽ ايس ايڇ او غوثپور کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي جو ڪيسن خلاف مظاهرو

نوابشاھ(ڊ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي نوابشاهه پاران ضلعي اڳواڻن نثار ڪيريو، رفيق ملاح، شاهنواز ڪيريو ۽ ٻين تي ڀتي جي ايف آئي آر داخل ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف  اڄ ٽئين ڏينهن به ٻڍل مگسي، عبداللطيف راھو، خير محمد مگسي، راھب مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک ھڙتال ڪندي چيو ته ڪجھه ڏينهن پھريان اسان جي ڪارڪنن تي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي جڏھن ته ھائي ڪورٽ حيدرآباد مان ضمانت ھجڻ جي باوجود اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو جن مان چئن کي آزاد ڪيو ويو آھي.ٽن ڪارڪنن سيد رستم شاہ، عاقب ڏاھري، جاويد عرف زين انڙ کي اڃان تائين آزاد نه ڪيو ويو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا، ھنن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪري اڳواڻن تي داخل ڪوڙي ايف آئي آر ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.