نيئن ڪوٽ ۾نقلي ٻج وڪرو، آبادگارن جو احتجاج

نئون ڪوٽ (رپورٽ : زاھد مغل) نئون ڪوٽ ديھ 362 امبالو جي آبادگارن ۽ ھارين جو نقلي مرچن جي ٻج ملڻ ۽ پئداوار نـ  ٿيڻ خلاف احتجاج آبادگارن اڪبر ڪمبوھ رمضان چانڊيو  ھارين رامون ڪولھي  لال ڪولھي  پونجو ڪولھي  گووند ڪيول ڪولھي  ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو تـ اسان ھلندڙ سال مارچ ۾ گولڊن سيڊ ڪمپني جو ٻج اسڪائي ھوٽ F .1 جو مھانگو ھائبرڊ ٻج خريد ٻج خريد ڪرڻ بعد في ايڪڙ تي 50 ھزار کاڌ اسپري ۽ کيڙي جو خرچ ڪيو پر ٻج نقلي ھئڻ سبب سندن مرچن جي پئداوار نـ ٿي آهي۔  نقلي ٻج ڏيندڙ عزيز ملڪ کي اسان بار بار شڪايتون ڪيون پر ھو سائيڊ وزٽ ڪرڻ لاء اچڻ جي تڪليف نٿو ڪري اسان تباھ ۽ برباد ٿي ويا آھيون گذريل سال تيار ٿيل فصل ٻوڏ جي ور چڙهي ويو ھـن سال نقلي ٻج سندن رھيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي زرعي توسع کاتو نقلي ٻج وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري اساـ کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪرائي ڏنو وڃي. نقلي ٻج وڪرو ڪندڙ ڪمپني ۽ ڪمپني جي ڊيلر خلاف عدالت ۾ وينداسين واضع رھي تـ نئون ڪوٽ ان جي آسپاس ديسي لونگي مرچن جي پوکائي جي لحاظ کان مشھور ھو پر ڪجھ سالن کان ديسي ٻجن تي ڪا بـ ريسرچ نـ ٿيڻ ۽ پئداوار نـ ٿيڻ سبب ديسي لونگي مرچـن جي جڳھ تي مختلف ڪمپنن جا ھائبرڊ مھانگا ٻج پوکيا وڃن ٿا ۽ غير معياري ڪمپنين جي ٻجن جي وڪري سبب ڊيلر تــ مالا مال ٿي ويا آهن پر آباد گارن جا مٿي تي ھٿ آهن ڄاڻايل ڪمپني روشن آباد۔ ڀٽارو۔  فانٽ فارم ۔  سيڙھي ۔  نفيس نگر۔  فضل ڀنڀرو۔  ۽ آسپاس جن جن زميندار مزڪورھ ٻج خريد ڪيو آهي شڪايتون ڪري رھيا آهن پر ڪمپني خلاف زرعي توسيح کاتي ۽ سيڊ اٿارٽي ڪابـ ڪاروائي نـ ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.