گهوڙا ٻاري ۽ ڀرپاسي بدامني، رهواسين جو احتجاج

گھوڙاٻاري (رپورٽ : امير شاھه ڀاڏائي) گھوڙاٻاري لڳ ڌانڌاري روڊ تي سياڻ موري وٽ چوريون ۽ ڦرون جي وارداتن ۾ اضافو عوامي آواز سان داھيندي ممتاز ميڻ چيو آهي ته اڄ ڏينهن ڏٺي اسان کان ھٿيارن جي زور تي ڦر ٿي آهي آئون سگريٽ ڪمپني جو سيلزمين آھيان اسان سگريٽ سيل ڪري واپسي اچي رهيا هئا سين ته روڊ تي مونکان ۽ هائي روف جي ڊائيور کان موبائلون ۽ 50 ھزار روڪ رقم ٻن ٻٽ ٻڌل هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري فرار ٿي ويا پوليس جي رٽ ڪمزور ھئڻ ڪري هاڻ تہ ڏينهن جو روڊ رستا بہ محفوظ ناهن ھنن آء جي سنڌ کان نوٽيس جو مطالبو ڪيو آهي.

ساماري لڳ ڳوٺ تي حملو، فائرنگ، 5 ڄڻا زخمي

سامارو (رپورٽ : ڪيول سورماڻي ) ساماري لڳ ڳوٺ تي حملو , 2 عورتن سميت 5 زخمي ,  هوائي فائرنگ  پوليس ڪيس داخل نه ڪيو , سامارو لڳ ديھ 30 هيرل جي ڳوٺ شيوارام ڏانو مالهي ۾  رهواسي هارين جي گهرن   تي هٿيار بندن حملو  ڪري هوائي ڪئي لٺون ۽ ڪهاڙيون هڻي  پرتاب پٽ لالو ڪولهي , جيٺو ڪولهي , شريمتي راجو ڪولهي زال جيٺو ڪولهي  , شريمتي جهڻي زال  لالو سميت 5 ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا ,زخمين کي سول اسپتال عمرڪوٽ روانو ڪيو ,زخمي ٻڌايو ته اسان جي ناٺي رميش ڪمار .پنهنجي ڀائرن داروغو ڪولهي,دادو ڪولهي  گينو ڪولهي ,ڪرمشي  پي تماچي ڪولهي ۽ ٻين سان گڏجي گهرن تي حملو ڪيو ,هوائي فائرنگ ڪئي , لٺون ۽ ڪهاڙيون هڻي اسان کي زخمي ڪيو ,نازڪ عضون کي ڌڪ هنيا آھن , بااثرن جي چوڻ تي  صوفي فقير پوليس ڪيس نٿي داخل ڪري ,اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي ,ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

گهاري ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان اليڪٽريشن فوت

گهارو ( ن ع آ ) گهارو ۾ بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت، نوجوان عمر الدين جي لاش کي رورل هيلٿ سينٽر پهچايو ويو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

ساڪري مان پورهيت جي موٽرسائيڪل چوري

ميرپور ساڪرو ( ن ع آ ) ميرپور ساڪري شھر مان ڳاڙھو واسي جي موٽر سائيڪل چوري پوليس ٻوٽو نه ٻاريو خبرموجب ميرپورساڪري شھر جي سنڌ بلوچستان ھوٽل ٻاھران بيٺل ڳاڙھو شھر جي رھواسي ذولفقار پرھياڙ جي سپر پاور موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي ساڪري پوليس  کي اطلاح پڻ ڪيو ويو ساڪرو پوليس چورين تي ڪنٽرول نه ڪرائي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.