ماٿيلي جي آبادگارن جا آبپاشي انجنيئر آفيس آڏو ڌار ڌار مظاهرا

ميرپورماٿيلو (ن ع آ ) پاڻي کوٽ خلاف جروار مائينر ۽ ڪنڊير شاخ مان نڪرندڙ ڪنڊڙي مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن گذريل ڏينھن احتجاجي مظاھرا ڪري آبپاشي انجنيئر ميرپورماٿيلو جي آفيس آڏو ڌار ڌار ڌرڻا ھنيا، ان موقعي تي جروار مائينر جي آبادگارن رجب علي لوھر، اسلم پتافي، ھمٿ مشوري، سانول جروار ۽ خدابخش گبول دانھيندي چيو ته جروار مائينر ۽ ان مان نڪرندڙ لُنڊ مائينر ۽ چاڪر مائينر تي غيرقانوني ڪيترائي پائيپ ۽ ڪڙيا ٺاھي سمورو پاڻي کنيون وڃي ٿو، رھيل ڪسر پکا لڳائي پوري ڪئي وڃي ٿي، جنھن سبب جروار مائينر توڙي ان مان نڪرندڙ شاخن ۽ واھن ۾ پاڻي نه ٿو پھچي، ٻئي طرف ڪنڊڙي مائينر جي آبادگارن يعقوب پتافي، عثمان پنھيار ۽ ٻين دانھيندي چيو ته ڪنڊير شاخ مان نڪرندڙ ڪنڊڙي مائينر جي 13 ڪڙين مان وڌائي بااثرن 50 غيرقانوني ڪڙيا ٺاھي ڇڏيا آھن، ان کان علاوهہ پائيپ لڳائي ۽ دڪا لڳائي مائينر کي ڇاٻ ڏيئي پاڻي چوري ڪئي وڃي ٿي، جنھن سبب اسان جا فصل سڪي سڙي تباھ ٿي رھيا آھن، رابطو ڪرڻ تي آبپاشي انجنيئر ميرپورماٿيلو خورشيد احمد کوکر عوامي آواز کي ٻڌيو ته پاڻي جو شديد کوٽ آھي، ان لاءِ  ڪنڊير شاخ تي وارا بندي ڪئي آھي، ھفتي کان پوءِ  ڪنڊير ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرائي پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پھچائڻ جو ھو واعدو ڪريان ٿو، ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته ايس ڊي او ۽ داروغن جي ٽيم ٺاھي آھي جيڪي اڄ کان ڪنڊير شاخ، ڪنڊڙي مائينر ۽ جروار مائينر سميت ٻين واھن جو وزٽ ڪري غيرقانوني ڪڙيا ۽ دڪا ڀڃي پائيپ ڪڍي ڪليئر ڪندا، جنھن بعد صحافين کي به وزٽ ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.