منهڙي لڳ حادثي جو زخمي نوابشاهه ۾ فوت

منهڙو (ن ع آ) منھڙو ڀرسان مورو ٻانڌي روڊ تي ڪجھ ڏينهن اڳ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو هو جنهن جي نتيجي  ۾ نوجوان شڪيل احمد چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو ھو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمي ٿيل نوجوان شڪيل احمد چانڊيو زخمن جا سور نه سھندي اڄ نوابشاھ جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي جنهن جو مڙھ ايمبولينس ذريعي نوابشاھ کان سندس اباڻي ڳوٺ سونھري فارم آندو ويو مڙھ گھر پھچڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو نوجوان جي جنازي نماز سونهري فارم ۾ ادا ڪئي وئي بعد ۾ کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.