جهڏي ۾ همراهه جو موت، قتل جا چوٻول

جهڏو ( ت ر) جهڏو جي اسلم ٽائون ۾ 45 سالا والجي ڪولهي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي علائقي ۾ مبينا قتل جا چئو ٻول هلندڙ آهن،اهڙي  اطلاع ملڻ تي جهڏو پوليس فوري طور تي لاش کڻائي سرڪاري اسپتال پهچايو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي ته فوتي جي گهر واري ڪجهه عرصو اڳ فوت ٿي وئي هئي، فوتي جي 1 نوجوان نياڻي ۽ 2 معصوم پٽن جو اولاد آهي، علائقي ۾ چئو ٻول آهن ته ڪولهي برادري جي ماڻهن والجي ڪولهي کي نشي جي حالت ۾ گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي. ٻئي طرف پاڪستان ڪولهي اتحاد جي اڳواڻن ڊاڪٽر راڌو مل ڪولهي گيانچند ڪولهي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته والجي ڪولهي جو موت گجهارت بڻيل آهي پوليس هن ڪيس جي باريڪ  بيني سان جانچ ڪري حقيقتون سامهون آڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.