ناري ڀرسان همراهه مڇيءَ جي تلاءُ ۾ ٻڏي فوت

نارو (ت ر)  نارو چونڊڪو ڀرسان سائدي واري علائقي ڳوٺ حاجي ارباب مري جو رهواسي ناري تعلقي  جي معزز شخصيت حاجي ناظم مري  جو ڀاءُ  55 سالا حاڪم علي مري مڇيءَ جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آھي جڏهن ته ٻڌايو پيو وڃي ته هو مينهون چارڻ لاءِ زمين تي ويل هو جتي هن مڇيءَ جي تلاءَ ڀرسان مينهون پئي چاريون ته هڪ مينهن تلاء ڏانهن ڀڄي وئي جنهن کي هو موٽائڻ لاءِ ڍنڍ ۾ گهڙي پيو ۽ پاڻي وڏو هجڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو آھي لاش کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تلاءَ مان ٻاهر ڪڍيو  لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو متل ۽ علائقي ۾ پڻ سوڳ ڇانيل آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.