راڄوخاناڻي ۾ شاگردن جو اسڪول جي بندش خلاف احتجاج

راڄوخاناڻي (ن ع آ) راڄوخاناڻي لڳ ڳوٺ حاجن ڪوري جو تيرنهن سالن کان ھلندڙ B E C S اسڪول تعليم کاتي جي سپروائيزر بند ڪرائي ڇڏيو جنهن پندرهن ڏينهن ٿيا آهن اھڙن خيالن جو اظهار سماجي ورڪر۽ڳوٺ حاجن ڪوري جي اڳواڻ حاجن ڪوري اسڪولي ٻارن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪندي ڪيو حاجن ڪوري قربان ڪوري لکي ڪوري ۽ ٻين ڳوٺ جي اسڪولي عمارت جي آڏو بيھي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي پڻ ڪئي آهي حاجن ڪوري چيو ته ڳوٺ جو بي آئي سي ايس اسڪول۾سٺ کان مٿي ٻار ۽ ٻارڙيون داخل ٿيل آھن ڪجھ ڏينهن پھرين تعليم کاتي جي سپروائيزر اچيو ته اسڪول بند ڪري ڇڏيو ۽ ٻئي ڳوٺ ۾ شفٽ ڪريو جڏهن ته اسان جا انھن ڳوٺاڻن سان جھيڙا۽اڻ وڻت ڪافي عرصي کان ھلندڙ اتي اسان پنھنجا ٻار ٻچا ڪئين موڪليون اسين سپريم ڪورٽ ھائي ڪورٽ ۽ شيشن جج کان اپيل ٿا ڪريون تہ اسڪول کولي ڳوٺ حاجن ڪوري تعليمي سلسلو ڳوٺ۾ ھلايو وڃي انساني حقن سول سوسائٽي ۽سياسي سماجي ماڻهن کي اپيل ڪندس ته اسان جي نسلن جون تعليمي زندگيون بچائڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.