وفاق جون سنڌ سان زيادتيون وڌي رهيون آهن:نواز زئور

حيدرآباد (پ ر ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زئور چيو آهي ته وفاق پاران سنڌ سان لڳاتار ناانصافيون ٿي رهيون آهن، جنهن  جي نتيجي ۾ سنڌ جا ماڻھو جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ مسئلن ۽ پريشانين جي ور چڙھي رهيا آهن. ناانصافين خلاف اٿندڙ سنڌ جي آواز کي لاڳيتو دٻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڪوئلي ۽ گئس جي فيلڊن مان سڄو فائدو ڌاريا کڻي رهيا آهن. ڌرتي ڌڻين تي روزگار، فائدي ۽ ترقي جا در بند ڪيا ويا آهن. ٿر ڪول جي بجلي ۽ نوڪرين سميت سمورو لاڀ ڌارين کي ملي رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي حصي ۾ صرف ماحولياتي تباهي اچي رهي آهي. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته سنڌ جي پيداواري وسيلن تي سنڌي قوم جي مالڪي جو حق قبول ڪيو وڃي. افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سنڌ حڪومت سنڌ جي پيداواري وسيلن جي معاملي تي صرف نعريبازي ڪري رهي آهي. اها لاڳاپيل ادارن ۾ انهن بابت ڪوبه وزنائتو موقف نه ٿي وٺي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.