خيرپور ۾ 10 ڄڻن کي عدالت پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري

خيرپور (ڊر) خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت تعلقه ڪنگري جي ڳوٺ جمعو کوسو جي رهواسي مشتاق علي کوسو طرفان پوليس آفيسرن خلاف داخل ڪرائيل درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي 10 ڄڻڻ خلاف نوٽيس جاري ڪري کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو  آهي. واضح رهي ته انسپيڪٽر جميل کوسو، احمدپور ٿاڻي جي ٿاڻيدار حضور بخش جوڻيجو، وڏو منشي سڪندر علي راڄپر، جيل ڪانسٽيبل مير محمد کوسو، ظفر ۽ خالد کوسو سميت ڏهن خلاف  اغوا ڪري ناحق باندي بڻائي 19 لک روپيه ڀنگ وٺڻ جو الزام آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.