سنڌ ۾ منشيات وکر جيان وڪرو ٿي رهي آهي:حليم عادل

حيدرآباد(رپورٽر) اينٽي ڊرگس نارڪوٽيڪس ڪانفرنس حيدرآباد پاران منشيات جي خاتمي لاءِ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب جي نيو آڊيٽوريم  هال ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ اسميبلي جي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ڳالهيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ جي منع نامي بعد به سنڌ ۾ منشيات وکر جيان وڪامجي رهي آهي ۽ ان جي سرپرستي سنڌ جا اعليٰ آفيسر ڪري رهيا آهن جن کي ڪير به چوڻ وارو نه آهي. هن چيو ته پوليس جي اندر ڪاريون رڍيون آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪري کين گهر روانو ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان کي پنهنجا نسل بچائڻا آهن ته منشيات جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ منشيات وڪامجي ٿي ۽ نوجوان جيڪي گهران پڙهڻ لاءِ اچن ٿا اهي اچي اتي منشيات استعمال ڪن ٿا، جيڪو مان شاگردن جي والدين کي به ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پنهنجي معصوم ٻچن جو خيال ڪيو، کين منشيات کان بچايو. هن چيو ته هاڻ هڪ نئون نشو استعمال ٿي رهيو آهي جيڪو آئيس نالي سان آهي، جنهن کي ننڍڙا معصوم پڻ استعمال ڪن ٿا، جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي، پوليس پنهنجو قبلو درست ڪري هر ضلعي جو ايس ايس پي ٺيڪ ٿي ڪم ڪري ته منشيات مڪمل بند ٿي سگهي ٿي پر اهو ڪم ڪير ڪري، جڏهن ته منشات جون ٽرڪون ڀرجي اچن ٿيون نوجوانن کي سلو پوائزن ڏئي سندن زندگيون تباهه ڪيون پيو وڃن، نوجوان هوٽلن تي منشات واپرائن ٿا اتي پوليس ڇا ٿي ڪري، ڪجهه  پئسن عيوض نوجوان نسل تباهي طرف وڃي رهيو آهي. سيمينار ۾ ايڊوڪيٽ علي پلهه، ڊاڪٽر مصتنسر حسين بلا، ايڊوڪيٽ ڀڳوانداس، ريجنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي وصي حيدر صاحب ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.17

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.