سمورن جيلن اندر سڌارا آندا پيا وڃن: اعجاز جکراڻي

لاڙڪاڻو ( ڊر ) وڏي وزير جي جيلن بابت صوبائي صلاحڪار مير اعجاز خان جکراڻي باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ مڏباهو پهچي گورک هل اسٽيشن وٽ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل تپيدار اسلم سيال جي وفات تي اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ طارق انور سيال ۽ ٻين سان تعزيت ڪري دعا گهري. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار مير اعجاز خان جکراڻي چيو ته سنڌ جي سمورن جيلن اندر سڌارا آندا پيا وڃن، جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدي قيد هئڻ جي ڪري سنڌ جي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ قمبر شهدادڪوٽ سميت ٽي نوان جيل تعمير ڪرايا ويندا جن جي فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته حيدرآباد، ڪراچي ۽ سينٽرل جيل سکر ۾ جيمرز لڳل آهن جتي قيدين مينوئل تحت سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته اڳ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ڊسٽرڪٽ جيل هو ۽ هاڻي ان کي سينٽرل جيل جو درجو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضروري آهي. هن چيو ته هن وقت لاڙڪاڻو سينٽرل جيل قيدي مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن ۽ اڳوڻي جيل سپريٽيڊنٽ لياقت پيرزادو جيل جا انتظام بهتري نموني ڪو نه سنڀاليا جنهن ڪري جيل ۾ خرابي پيدا ٿي ويون آهن انهن خرابين کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ نئون جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کي مقرر ڪيو ويو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي قيدين جا مسئلا ختم ٿين پر قيدين کي به گهرجي ته هو جيل مينوئل تحت پنهنجي بيرڪن ۾ رهن. هن چيو ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيدين جيل جون بيرڪون به ٽوڙي ڇڏيون آهن جيڪو انتهائي خراب عمل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.