محمد علي شاهه سنڌ جي حقن لاءِ وڙهيو:اسلام ڪوٽ ۾ ميڙاڪو

اسلام ڪوٽ(ت،ر)اسلام ڪوٽ ۾ فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ محمد علي شاھ جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ٿر سماجي تحريڪ جي  آفيس ۾ سڏايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ اسلام ڪوٽ جي آس پاس ڳوٺاڻن ڪول جي متاثر ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ر سماجي تحريڪ جي اڳواڻن عبدالعزيز قادري، رسول بخش سمون، نصير نون، انقلابي شاعر امام علي جنجھي امير علي راھمون حاجي ثناءُ الله راھمون، بي آءَ ايف جي ديدار سينڌل، نندلال ٿري ديدار لنجو فتح محمد سمون محمد علي شاھ جي فرزند مھراڻ شاھ ڌيءَ ياسمين شاھ، اسلم ملاح ۽ صحافين محمد علي شاھ جي زندگيءَ ۽ جدوجھد تي روشني وڌي. تقريب ۾ شريڪ تعزيتي بيان جاري ڪندڙن چيو پاڪستان فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ محمد علي شاھ جي جدوجھد تاريخ ۾ تاحيات زندھ رھندي ھو جسماني طور اسان وٽ موجود ناھي ليڪن ان جي ٻاريل لاٽ جاري رھندي. محمد علي شاھ مسلسل جدوجھد جو نالو آھي ھو ڪڏھن به ٿڪو نه. ماھيگيرين جي مسئلن کي اعليٰ ايوانن تائين پھچائي سنڌ جي ملاحن کي حق ڏياريا. ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۾ ڪنھن جي به مٿان ظلم ٿيندو ھو محمد علي شاھ ھن ظلم کي پنھنجي مٿان سمجھندو ھو. ٿر ڪول جي ڏورانھن علائقن ۾ ھن ماڻھن ۾ جاڳرتا پيدا ڪري حقن لاءَ گڏ ڪيا. ڪاري ڪوئلي ۾ گهڻن پنھنجا ھٿ رنڱيا ڪن مونھن ڪارا ڪري ٺيڪا مراعت ورتيون محمد علي شاھ ٿر جي ماڻھن جي آئيني ۽ قانون مدد ڪئي ڪٺ پروگرام ڪوٺائي تقريبن ۾ احتجاجن ۾ ٿر جي مارو ماڻھن سان پٽ تي ويھي ھن جيڪا لاٽ ٻاري آھي اُھا لاٽ اسان اميد ڪريون ٿا ته محمد علي شاھ جو فرزند ۽ ڌيئر اڳتي وڌائندي بيوس ماڻھن جو سھاري بنجي زندھ رکندا. مھراڻ شاھ چيو ته بابا سڄي عمر سنڌ جي ماڻھن لاءِ جاکوڙيندي گذاري ڇڏي. بابا جي اڌ ۾ ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائندي ماھيگيرن ۽ ٿر ڪول جي ماڻھن سان جدوجھد جي ميدان ۾ ساٿ ۽ سھڪار جاري رھندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.