ميرپور ساڪري ۾ چور سوگهو، مارڪٽ بعد پوليس حوالي

ميرپور ساڪرو ( ت ر) ميرپور ساڪري جي مال پڙي مان واپاري جي کيسي مان پئيسا ڪڍڻ جي الزام ۾ چور سوگھو مارڪٽ کانپوء پوليس  حوالي خبرموجب ميرپور ساڪري شھر جي مال پڙي ۾ واپاري لياقت رند جي کيسي مان پئيسا ڪڍندڙ گل حسن بنگالي شيخ کي واپارين ۽ شھرين سوگھو ڪري وڌو مارڪٽ ڏيڻ کانپو کيس مال پڙي انتظاميا حوالي ڪيو ويو ان حوالي سان واپاري لياقت رند جو چوڻ آهي منهنجي کيسي اندر ڏيڍ لک روپيا پيل ھو ھن ھمراھ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي کيس سوگھو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم پر ھمراھ فرار ٿيو ته شھرين ۽ واپاري کيس جھلي ورتو  ھن چيو ته مال پڙي ۾ چورين جي وارداتون ٿينديون رھيون ھمراھ پنهنجي نالو گل حسن شيخ ٻدائي ٿو ته ڪراچي جو رھندڙ آهي کيس پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.