لاڙڪاڻي ۾ هٿيارن جي زور تي مئنيجر يرغمال، ٻه لک ڦر، ڏوهاري فرار

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن خانگي موبائيل ڪمپني  جي فرنچائيز مئنيجر گلزار احمد ڏاهري، نعمت لانگاهه ۽ ٻين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 2 لک 6 هزار روپيا روڪ ۽ ڏيڍ لک روپين جي ماليت جون ٻه موبائيل فونون ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا اطلاع تي ڊي ايس پي سول لائين اسد الله شيخ حد جي ٿاڻي جي پوليس ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا. ان موقعي تي متاثر فرنچائيز مالڪ عرفان علي شيخ ٻڌايو ته منجهند ڌاري ٽن موٽرسائيڪل نامعلوم هٿياربندن فرنچائيز ۾ گهڙي انجئير، ايريا مينجر ۽ ٻين ملازمن کي هٿيارن جي يرغمال بڻائي 2 لک 6 هزار روڪ رقم ۽ ڏيڍ لک روپين جي ماليت جون ٻه موبائيلون فونون ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن کان پوليس پهچي تفصيل ورتا. هن مطالبو ڪيو ته ڦر ڪيل روڪ رقم ۽ موبائيل فونون واپس ڪرائي ڦورن کي گرفتار ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.