کپرو ۾ ڳوٺاڻن جو کاهي پوليس خلاف مظاهرو

کپرو (ن ع آ ) کپرو ۾ چانهيان برادري پاران کاهي پوليس جي زيادتين خلاف مٿوڻ جي ڳوٺ حيات آباد جي رهواسين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي کپرو  واھ کان کپرو شھيد چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاهرين کاهي پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪري رهيا هئا ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ مهينو اڳ۾  حيات آباد ۾ دوڪاندار قتل  ٿيل نوجوان امام بخش درس جي قتل ڪيس ۾ ڳوٺ جي نيڪ مرد حيات چانهيون سندس ڀاء ۽ پٽ  تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار ٿيڻ باوجود کاهي پوليس مسلسل ڳوٺ تي چڙھايون ڪري زيادتيون ڪري رهي آھي جڏھن ته ڳوٺ جي نيڪ مرد امام بخش چانهيون جي قتل ڪيس ۾ ملوث ناهي حيات چانهيون شريف ماڻھو آھي امام بخش درس کي حيات چانهيون قتل ناهي ڪيو حيات چانهيون ۽ پٽ ڀاء تي ڪوڙو قتل ڪيس داخل ڪيو آھي هنن جو چوڻ هو ته محمد حيات چانهيون تي داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري  آزاد ڪيو وڃي  کاهي پوليس جون ڳوٺ حيات آباد تي مسلسل چڙھاين جو نوٽيس ورتو وڃي نه ته اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.