آريجن لڳ اسڪول ۽ گهر مان سولر پليٽون چوري

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) سيھڙ ٿاڻي جي حد  ڳوٺ ڪريم ڏنو لاکير مان گذريل رات نامعلوم چور ڳوٺاڻي حاجي ٽوھ خان لاڙڪ جي گھر جي ڇت تان نامعلو چور ٽي سولر پليٽون ۽ ڀر واري گھرمالڪ اميرلاڙڪ جي گھرجي ڇت تان ٻه سولر پليٽون لاھي با آساني فرار ٿي ويا، جڏھن ته ساڳي ئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جا نامعلوم چور تالا ٽوڙي اسڪول ۾ لڳل ٽي سولرپکا ٻه پليٽون پڻ لاھي  فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن طرفان حد جي ٿاڻي کي اطلاع پوليس پيرن ۽ کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻايا جيڪي ساڳي ئي ڳوٺ ۾ گلزار سولنگي جي ڪرياني جي دڪان تي لڳا، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي پوليس خالي ھٿين واپس رواني، پوليس پاران جاچ جاري ھوڏانھن اھڙي واقعي جي تفصيلن لاءِ سيھڙ ٿاڻي جي ايس ايڇ سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پرسندس جوموبائل بند مليو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.