ڊگھڙي مان گروهه سوگهو، چوري جون 12 موٽرسائيڪلون هٿ

ڊگھڙي (ن ع آ) ايس ايڇ او ڊگھڙي آفتاب رند جي ڪاروائي موٽرسائيڪل چور گروھ گرفتار ڪري سندس قبضي مان 12عدد چوري شده  موٽرسائيڪل برآمد ڪري ورتا گرفتار جوابدار ربنواز ڪپري ۽ گلنواز کوسو کي ڊگهڙي ٿاڻي جي حد ڦر موري تان پوليس مقابلي بعد گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته جوابدارن جا ٻه ساٿي امير سلطان پٽ پنهون ڪپري ويٺل ڳوٺ ڪرم علي لغاري لڳ جهڏو ۽ چمبڙ واسي علي پٽ رمضان ڪپري موقعي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا، رفتار جوابدارن جي قبضي مان بغير لائسنس پسٽل ۽ 12عدد چوري شده موٽرسائيڪلون برآمد ڪري ورتيون آهن برآمد ٿيل موٽرسائيڪلن ۾ ڊگھڙي،ٽنڊوالهيار،جهڏو ۽ ٻين شھرن جو شامل آهن ايس ايڇ او ڊگھڙي آفتاب رند صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار موٽرسائيڪل چورين ۾ ملوث رهيا آهن سندن قبضي مان چوري شده موٽرسائيڪلون ۽ پسٽل برآمد ڪري ڊگهڙي ٿاڻي تي ٽي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن وڌيڪ جانچ جاري آهي اميد ته اڃان وڌيڪ موٽرسائيڪل برآمد ڪنداسين جوابدارن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪڻ بعد جيل اماڻيو ويو آهي.

سڪرنڊ ۾ جي يو آءِ جي تحفظ نبوت ريلي

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ جمعيت العلماءِ اسلام تعلقه سڪرنڊ پاران 7 سيپٽمبر يوم تحفظ ختم نبوت ريلي ڪڍي وئي. ريلي جمعيت  العلماءِ اسلام تعلقه سڪرنڊ جي امير مولانا احسان الله موروجو ، حاجي عبدالرشيد پرهياڙ ، انقلابي ارشاد احمد ڪلر جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ باءِ پاس کان ميڊيا سينٽر چوڪ تائين ڪڍي وئي. جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. . ريلي کي جمعيت العلماءِ اسلام جي ضلع بينظيرآباد جي امير عبدالقيوم چنه، مفتي زين العابدين راهو، مولانا علي نواز پرهياڙ ، مولانا محمد هارون کهڙو ، مولانا حق نواز مهر، مولانا الهڏنو چنه ، مولانا هدايت الله جمالي، مولانا رستم امان لغاري ، مولانا هدايت الله جمالي، مولانا محمد سالم پرهياڙ ، مولانا مسرور احمد سولنگي، مولانا نظير احمد مهڙ ، وزير علي خاصخيلي، جمعيت العلماءِ پاڪستان نوراني جي اڳواڻ مير محمد حسيني ، مسلم ليگ ن اڳواڻ امجد خانزاده ، جماعت اسلامي اڳواڻ چاچا محمد انوار ، ايڊووڪيٽ ڪريم بخش رند ۽ ٻين ريلي خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.