گهوٽڪي ٻٽي قتل جو مک جوابدار گرفتار

 گهوٽڪي ( ڊر ) گهوٽڪي ڀرسان ڪچوٻنڊي  ٽو ٿاڻي جي پوليس گهرواري مسمات زبيده لولائي ۽ غلام سرور لولائي جي  قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار امان الله لولائيءَ کي بندوق سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ڪيل جوابدار مٿان بغير لائسنس جي بندوق هٿ اچڻ جو سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،واضح رهي ته اٽڪل 2 هفتا اڳ ڪچو ٻنڊي ٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالرحمان لولائي ۾ جوابدار امان الله لولائي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهرواري زبيده لولائي ۽ نوجوان غلام سرور لولائي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو هو.

نوابشاهه ۾ شگر مل مالڪن خلاف رهتون نه ڏيڻ تي آبادگارن جو اڄ ڌرڻو

سڪرنڊ (ن ع آ) سنڌ گروورس آرگنائيزيشن جي چيئرمين رضا چانڊيو، سينيئر وائيس چيئرمين حاجي اسحاق چانڊيو ، محمد  وارث ڏاهري ، عطاءَ الله انڙ ۽ شمشاد ملاح  ۽ ضلعي بينظيرآباد جي آبادگارن  جو اهم اجلاس سڪرنڊ ۾ ٿي گذريو. اڄ 8 سيپٽمبر نوابشاهه حبيب شگر مل آڏو مل مالڪن پاران آبادگارن جون 20 ارب کان وڌيڪ رهتون نه ڏيڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو. جيڪو آبادگارن جون رهتون ملڻ تائين جاري رهندو.آبادگار اڳواڻ رضا چانڊيو ۽ ٻين  سڪرنڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آبادگارن جا ضلعي نوابشاهه جي چئن شگر ملن سڪرنڊ شگر مل ، حبيب شگر ملز ، ٻانڌي شگر ، النور شگر مل ڏانهن اربين روپين جون رهتون آهن پر مل مالڪ آبادگارن جا جائز پئسا ڪافي سال گذرڻ باوجود ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن جنهن سبب مجبور ٿي اسان ضلعي جا آبادگار ڌرڻو هڻي رهيا آهيون. هن چتاءَ ڏيندي چيو ته جيستائين مل مالڪ پئسا نه ڏيندا تيستائين ڌرڻو جاري رهندو.

سجاول جوڻيجو  وچ شهر مان  پورهيت جي موٽر سائيڪل چوري

سجاول جوڻيجو ( ن ع آ ) سجاول جوڻيجو ٿاڻي ڀرسان وچ شھر ۾ ڊاڪٽر گدا حسين مگسي جي ڪلينڪ ٻاھران بيٺل ڳوٺ بھادر ڀنڊ  جي رھواسي پورھيت نياز حسين جلباڻي جي سي ڊي موٽر سائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا، ھوڏانھن سجاول جوڻيجو پوليس موٽر سائيڪل جي مالڪ جي فرياد تي موٽر سائيڪل چوري جي اين سي داخل ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.