احمد پور واسي عدالت پهچي ويو، پوليس آفيسرن تي درخواست، ڀنگ وٺڻ جا الزام

احمدپور ( ن ع آ  ) احمدپور جو ڳوٺاڻو خيرپور عدالت پهچي ويو، انسپيڪٽر جميل کوسو ۽ احمدپور ٿاڻي جي ٿاڻيدار سميت 10  ڄڻن خلاف درخواست داخل، اغوا بعد 19 لک روپيه ڀنگ وٺڻ جا الزام، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي حڪم جي استدعا. احمدپور ويجهو ڳوٺ جمعو کوسو جي رهواسي مشتاق علي کوسو خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ۾  پوليس آفيسرن خلاف داخل ڪرايل درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي 10 ڄڻن خلاف نوٽيس جاري ڪري کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺاڻي مشتاق علي کوسو طرفان عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي انسپيڪٽر جميل کوسو، احمدپور ٿاڻي جي ٿاڻيدار حضور بخش جوڻيجو، وڏو منشي سڪندر علي راڄپر، جيل ڪانسٽيبل مير محمد کوسو، ظفرکوسو ۽ خالد کوسو سميت ڏهن ڄڻن خلاف کيس اغوا ڪري ناحق باندي بڻائي 19 لک روپيه ڀنگ جي رقم وصول ڪرڻ بعد ڇڏڻ جي الزامن هيٺ ايف آءِ آر داخلا جي حڪم جي استدعا ڪئي وئي آهي.

ٽنڊو مستي ۾ خاصخيلي برادري جي عورتن ۽ مردن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

ٽنڊومستي (ن ع آ )ٽنڊومستي  پريس ڪلب آڏو  خاصخيلي برادري جي عورتن ۽ مردن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو  ويو مظاهري جي اڳواڻي محمد جمن. الطاف اشرف خاصخيلي. راجا خاصخيلي. عنائتان خاتون. آمنا خاتون. اشرف خاتون ۽ ٻين هٿن تي پاڪ ڪتاب کڻي  ميڊيا وارن اڳيان داهيندي چيو ته پير ڳوٺ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ آريجا برادري جي نينگر کي قتل ڪيو ويو هو جنهن جي قتل جي الزام هيٺ آيل خاصخيلي برادري جي جوابدارن سان اسان جو ڪو به واسطو نه آهي انھن سان اسان جو ڪافي وقت کان زمين جي معاملي تي ٽڪر هلندڙ آهي. ان ڪري اسان جو جوابدارن ڏانهن  نه اچڻ وڃڻ آهي نه وري ڀت ڀڳي آهي انهن سان پر تنهنجي جي باوجود شرپسند ماڻهن نينگر محمد صديق جي قتل معاملي تان اسان جي گهرن کي باهيون ڏئي اسان جو سڀ ڪجهھ ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري اسان گهرن کان بي گهر ٿي دربدريءَ واري زندگي گذاري رهيا آهيون مظاهرين وڌيڪ ايس ايس پي ۽ آريجا برادري کي اپيل ڪئي ته ان معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي جيڪڏهن معصوم نينگر جي قتل جي الزام هيٺ آيل جوابدارن سان اسان جو ڪو به واسطو آهي ته اسان کي سزائون ڏنيون وڃن ٻئي صورت ۾ قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي جنهن سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي.

پير ڳوٺ ۾ڳوٺاڻن نوجوان جي گرفتاري خلاف احتجاج

پيرجوڳوٺَ (رپورٽ علي گل جوڻيجو ) پيرجوڳوٺ جي  مگرجي محلي جي رهواسين جو  احتجاج انصاف جو مطالبو .خبر موجب پيرجوڳوٺ جي مگرجي محلي جي رهواسين وقار احمد راهوجو .مير محمد شوقت علي راهوجو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 4 ڏينهن اڳ 4ڏينهن اڳ اسان جي چاچي جمال الدين راهوجو سندس زال صاحب خاتون پاڻ هم صلاح بڻجي  ملڪيت ڦٻائڻ لاء ويڳي پٽ عبدالجبار تي ڪوڙو ڊرامون رچائي صاحب خاتون ڇاتيء تي بليڊ جو جهير ڏيئي  پوليس هٿان گرفتار ڪرائي گم ڪري ڇڏيو آهي ..جڏهن خود پسٽل خريد ڪري پوليس کي ڏنو آهي. هنن اهو به ٻڌايو ڪجهه سال اڳ جمالدين راهوجو پنهنجي ننڍي زال جي چوڻ تي وڏي زال کي زهر ڏيئي ماري ڇڏيو هو . ملڪيت خاطر ويڳي پٽ کي رستي تان هٽائڻ چاهين ٿا هنن آء جي سنڌ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته بيگناه گرفتار ڪري گم ڪيل نوجوان عبداالجبار راهوجو کي آزاد ڪرائي فرض شناس آفيسرکان جانچ ڪرائي اانصاف ڪيو وڃي.

گمبٽ جي عدالت فراڊ جي جوابدار جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

سوڀوديرو (ن ع آ) ايڊيشنل سيشن جج گمبٽ راجيش چندر راجپوت جي عدالت عوامي آواز سوڀوديرو جي رپورٽر اورنگزيب پيرزادو جي  ڀاءُ رٽائرڊ استاد محمد ايوب پيرزادو کي سرڪاري نوڪري وٺي ڏيڻ جي بھاني ۽ ڪوڙا چيڪ ڏيندڙ فراڊي شفيق احمد شيخ جي ضمانت گناھ نمبر 121/2021 قلم 489F ۾ جوابدار جي وڪيل ايڊوڪيٽ صفدر علي ڪناسرو ۽ فريادي جي نامياري  وڪيل ايڊوڪيٽ عبدالرحيم ڄامڙو جا دليل ٻڌڻ بعد  ضمانت رد ڪري ڇڏي۔. رٽائرڊ استاد محمد ايوب پيرزادو ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار شفيق شيخ مون کان 2019 ع ۾ سرڪاري نوڪري وٺي ڏيڻ بھاني چوڏھن لک نو ھزار رپيا ورتا ھيا ۽ واعدو ڪيو ھو ته ٻن مھينن اندر سرڪاري نوڪري جو آرڊر وٺي ڏيندس نوڪري نه ملڻ سبب مون کي ماھوار جي حساب سان مون کي  ٽيويھ عدد  چيڪ مختلف تاريخن جا  ڏنا ۽ چيو ته نوڪري جو آرڊر نه ٿو ملي مان توھان کي چيڪ ڏيان ٿو ڏنل سمورا  چيڪ ڪيش نه ٿي سگھيا۔ مون سوڀوديرو ٿاڻي تي ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جا پنج  ڪيس داخل ڪرايا آھن  بااثر فراڊي شفيق شيخ مون تي ۽ منھنجي پٽن ۽ گواھن تي ڪوڙا ڪيس ڪرڻ شروع ڪيا ۽ منھنجن پئسن ڦٻائڻ خاطر اڄ ڏينھن تائين مختلف طريقن سان ڌمڪائڻ ۽ ڪوڙا ڪيس ڪرڻ  جو سلسلو جاري رکيو آھي مون کي  عدالت سڳوري  مان رليف مليو آھي فراڊي شفيق شيخ شھر جي ڪيترن ئي ماڻھن کان لکين رپيا دوکي سان وٺي ڪوڙا چيڪ ڏنا آھن ۽ فراڊ ڪيا آھن جيڪي پڻ فراڊي بااثر ھجڻ ڪري مسڪين ماڻھو خاموش آھن ھن چيو ته مان  ايڊيشنل سيشن جج گمبٽ جو شڪرگذار آھيان جنھن بااثر جي ضمانت رد ڪري  انصاف ڪيو آھي متاثر استاد چيو ته جوابدار بااثر ھئڻ ۽ پئسي جي زور تي مون کي ۽ گواھن کي قتل ڪرڻ  ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي مان چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ۔وزيراعلي سنڌ۔آء جي سنڌ کي اپيل ٿو ڪريان ته بااثر فراڊي کان رقم واپس ڏياري تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.