معذور ڪوٽا تي نوڪري ڏيو، ٺل ۾ جيالي جو احتجاج

ٺل  ( ن ع آ )  ٺل جي ڳوٺ محمد صالح منگي جي رهواسي معذور پ پ جي جيالي عبدالفتاح منگي پريس ڪلب آڏو ڪالهه ڇهين  ڏينهن به احتجاج ڪيو،معذور جيالي دانهيندي ٻڌايو ته پ پ جي چونڊيل نمائندن ۽ عهديدارن نوڪرين ۾ نظرانداز ڪيو آهي،گذريل ستن سالن کان ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي سميت ٻين عهديدارن جي در تي ويا آهيون پر نوڪري ناهي ملي،هر اليڪشن ۾ پ پ جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي پر اسان کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو پيو وڃي،هن چيو ته مان معذور آهيان معذورن جي 2 سيڪڙو ڪوٽا تي عمل نٿو ڪيو وڃي معذورن جي لاء آيل نوڪريون به وڪرو ڪيون وڃن ٿيون،جنهن ڪري اسان معذورن کي حق نٿا ملن،هن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه،پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو،پ پ جي ڊويزنل صدر اعجاز جکراڻي کان مطالبو ڪيو ته معذور ڪوٽا تحت نوڪري ڏني وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.