گهوٽڪي ۾ کير وڪرو ڪندڙ رستي مان گم، وارثن کي اغوا شڪ

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۾ کير وڪرو ڪندڙ پورهيت ڳوٺ ويندي رستي مان گم وارثن پاران اغوا جو شڪ ، گهوٽڪي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ،  گهوٽڪي کان کير وڪرو ڪري گذريل رات پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته رستي  مان گم ٿي ويو، جڏهن ته ان حوالي سان الف واسو جي وارثن محمد عاقل واسو ، امير بخش واسو ، حاجي قيهر واسو ۽ ٻين گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي احتجاج ڪندي چيو ته گذريل رات الف واسو گهوٽڪي کان کير وڪرو ڳوٺ اچي رهيو هو ته رستي مان اغوا ٿي ويو، هنن چيو ته اهڙو اطلاع گهوٽڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ڏنو آهي پر پوليس اڄان تائين ڪجھ ناهي ڪيو , ان موقعي تي ڳوٺاڻن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته الف واسو کي فوري بازياب ڪرايو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.