کهڙا ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻوزخمي

کهڙا ( ن ع آ )کهڙا ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو زخمي. گمس اسپتال داخل کهڙا ويجهو سخيراڻي لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ پهلوان خان شر واسي نوجوان غلام شبير شر سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي.

پوليس سان مقابلي ڪيس ۾ 4 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور

خيرپور (ڊر) خيرپور ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قائم ائنٽي ٽيررزم ڪورٽ (اي ٽي سي) جي اسپيشل جج انعام علي ملڪ جي عدالت فيض گنج ٿاڻي جي هڪ پوليس سان مقابلي جي الزامن هيٺ داخل ٿيل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻائيل چئن جوابدارن غلام عمر ولد محمد موسيٰ، عبدالرزاق ولد عبدالرئوف، خدا بخش ولد شهاب الدين ۽ محمد رحيم ولد منصور طرفان پنهنجي وڪيل معرفت گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ويئي هئي. جنهن کي عدالت منظور ڪندي هڪ _ هڪ لک روپيه جو ضامن پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

لاڙڪاڻي لڳ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، ٻه زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ايئرپورٽ روڊ تي انڙ پئٽرول پمپ وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل  سوار ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي گشتي پوليس بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي، اطلاع تي وارثن زخمين جي باقراڻي شهر واسي اظهر علي پٽ انور علي ڪنڀر ۽ ببلو پٽ معشوق علي شيخ طور ڪئي. ان موقعي تي زخمين جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جا وارث ڪم سانگهي لاڙڪاڻي شهر آيا جتان گهر واپسي دوران ايئرپورٽ روڊ تي انڙ پئٽرول پمپ وٽ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿيا آهن. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمين جو علاج پڻ هلندڙ هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.