منهڙي لڳ مائينر جو پاڻي بند، آبپاشي عملدارن خلاف ڌرڻو

منهڙو (رپورٽ عرفان علي ڏاهري) منھڙو ڀرسان روھڙي ڪينال جي يوسف ڏاھري ريگيوليٽر مان نڪرندڙ سن مائينر کي مسلسل 21 ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي بند ڪرڻ واري عمل خلاف منڍ ۽ پڇڙي جي سوين آبادگارن  جو قاضي عرفان علي ڏاهري, مير عمران خان جمالي, غلام مصطفى ڏاھري, اويس جمالي,سڄڻ ڏاهري, افضل گهمڻ, سلطان محمود جٽ,نديم علي جٽ غلام حيدر ڏاهري,صفدر ڏاهري, اعظم ڏاهري عرفان ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يوسف ڏاھري ريگيوليٽر تي آبپاشي عملدارن جي بلاجواز سن مائينر جو پاڻي بند ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين ٽائرن کي باھيون ڏئي ´´پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا" جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي نٽهڻ اس ۾ مورو ٻانڌي روڊ مڪمل بند ڪري ڇڏيو جيڪو 4 ڪلاڪ بند رهيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جو قطارون لڳي ويون جنهن سبب مسافر سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا هئا مسلسل چئن ڪلاڪن جي احتجاج بعد ايس ڊي او جاويد علي سومرو مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ بند ڪيل سن مائينر ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو جنهن بعد آبادگارن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي ۽ آبادگارن پاران لڳايل ڌرڻو ختم ڪري ٻانڌي مورو روڊ کوليو ويو ان موقعي تي آبادگارن وزير اعلي سنڌ  آبپاشي جي صوبائي وزير ۽ آبپاشي جي سيڪريٽري کان پرزور مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته روھڙي ڪينال مان نڪرندڙ سن مائينر جي آبادگارن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ٻي طرف آبادگارن چتاء ڏيندي چيو ته سن مائينر کي جيڪڏهن ٻيهر بند ڪيو ويو ته ٻيهر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.