ميرپورخاص جا دڪاندار بجلي بندش خلاف سراپا احتجاج، ٽائر ساڙي ڌرڻو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) سوين دڪاندارن جو بجلي جي غيراعلانيا لوڊشيڊنگ ۽ ڊگھي بريڪ ڊائونن خلاف احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب ميرپورخاص جي مک اليڪٽرانڪ بازار ۽ نيو ٽائون بازار جي سوين  دڪاندارن پاران حيسڪو جي غيراعلانيا لوڊشيڊنگ ۽ ڊگھن بريڪ ڊائون خلاف سول اسپتال جي سامهن مک روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب شهر ڏانهن ايندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي ان موقعي تي شهزاد، افتخار علي، ريحان ۽ ٻين دڪاندارن دانهيندي چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن کان ٽرانسفارمر سڙيل هجڻ جي ڪري نيو ٽائون جي پوري ڪاروباري علائقي ۾ بجلي بند آهي، 28 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود حيسڪو جي عملدارن ٽرانسفارمر تبديل يا مرمت ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي آهي مک بازارن جو ٽرانسفامر سڙيل هجڻ جي بار بار شڪايت ڪرڻ جي باوجود ڪنهن به اسان جي شڪايت تي ڌيان ڏيندي مسئلو حل نه ڪيو آهي دڪاندارن الزام هڻندي چيو ته حيسڪو جا ملازم سڙيل ٽرانسفار جي تبديلي لاءِ رشوت طلب ڪري رهيا آهن جيڪو ظلم آهي هنن چيو ته اسين ڪمرشل ميٽرن تي حيسڪو کي مڪمل بل ادا ڪيون ٿا ته حيسڪو وارن کي اسان کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ گھرجي ته جيئن اسان جي ڪاروبار کي نقصان نه پهچي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرائي بجلي بحال ڪري ڏني وڃي ٻيصورت ۾ حيسڪو عملدارن جي آفيسن جو گھيرائو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.