لاڙڪاڻي جيل ۾ چرس سپلا ءِ ڪندڙ ٺيڪيدار جا 3 مزدور گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ ماني جي بهاني جيل اندر منشيات سپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش، جيل انتظاميه ماني جي ٿيلهين مان  منشيات هٿ ڪري ٽن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي قيدين کي کاڌو فراهم ڪندڙ ٺيڪيدار پاران رات جي وقت ماني فراهم ڪرڻ دوران ڳجهي نموني مانيءَ جي ٿيهلين مان ٻه ڪلو چرس هٿ ٺيڪيدار جي ٽن مزدورن عبدالوحيد گولو، سهيل ڪورائي ۽ عباس مشوري کي جيل انتظاميه حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي جيل سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو ته جيل اندر منشيات سپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جتي اطلاع تي ڳجهي نموني ٻه ڪلو چرس هٿ اچڻ بعد  ٽن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي سندن خلاف حد جي وليد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ليٽر اماڻي ڇڏيو آهي تمام جلد ٽنهي ڄڻن مٿان اهڙو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.