هوسڙي لڳ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

ھوسڙي (ن ع آ) ھوسڙي  لڳ سيري ٿاڻي جي حد نگاھ مدينا ھوٽل وٽ حيدرآباد ٽنڊو محمدخان روڊ تي بيٺل سوزڪي سان تيز رفتار موٽرسائيڪل  ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ سورھن سالا ٻوڙو پٽ جمال ۽ شديد زخمي ٿي پيو .جڏهن ته موٽرسائيڪل سوار نامعلوم مرد ۽ عورت پڻ زخمي ٿي پيا جن کي ايمبولينس وسيلي ايل ايم سي حيدرآباد نيو ويو جڏهن ته سيري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي حادثي جو شڪار گاڏيون پنهنجي تحويل ۾ ورتيون آھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.