پريس ڪلب کي فنڊ نه ملڻ خلاف صحافي سراپا احتجاج، خيرپور ۾ريلي

خيرپور/راڻيپور ( نمائندا ) صحافي اتحاد خيرپور پاران مخصوص پريس ڪلبن کي فنڊ جاري ڪرڻ خلاف نيشنل بينڪ کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي وئي، ريليءَ جي اڳواڻي ضلعي صدر غلام حسين چانگ،خير محمد عامر, حسين بخش ڪٻر ، دين محمد ڪلهوڙو،ياسين راڄپر ، گل بيگ چانگ، مريد راڄپر، شمن راڄپر، حاڪم ڀٽي  ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي ريليءَ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ اطلاعات کاتي پاران سنڌ جي 6 من پسند  پريس ڪلبن کي فنڊ جاري ڪري سنڌ جي پوئتي پيل پريس ڪلبن ۽ صحافين سان ناجائزي ڪئي وئي آهي،  هنن چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ،خيرپور، گهوٽڪي، قمبر ايٽ شهداد ڪوٽ، جيڪب آباد ، نوشهروفيروز ،عمر ڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ جيتوڻيڪ حق ۽ سچ لکڻ تان صحافين کي قتل ڪيو ٿو وڃي، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ٿو وڃي، تنهن هوندي به مظلوم  ماروئڙن جي حقن جو آواز بڻجي هن علائقن جا صحافي پنهنجي ۽ خاندانن جون حياتيون داع تي لڳائي مظلومن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائين ٿا، انهن علائقن جا صحافين کي اڪثر ڪري ادارن پاران پگهارون به نٿيون ڏنيون وڃن،  پر افسوس آهي جو  سنڌ حڪومت ۽ اطلاعت کاتي پاران پنهنجا نوازاي ڪري سنڌ جي ننڊن شهرن جي هزارين صحافين جي دل آزاري ڪئي آهي، جنهن ڪري مجبور ٿي اڄ صحافين پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ روڊن تي نڪري پيا آهن، هنن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي سمورن فنڪشنل پريس ڪلن کي فنڊن جاري ڪري صحافين سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت سي ايم هائوس آڏو صحافي اتحاد پاران ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.