ڊگهڙي ڀرسان ڦورو واپاري کان 6 لک ڦري فرار

ڊگھڙي ( ت ر) ڊگهڙي ٿاڻي جي حد محمد علي شاخ ڀرسان ٽنڊوجان محمد جي واپاري فيصل ولد عبدالجبار قائمخاني کان نامعلوم هٿياربند ڇھ  لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا،فيصل قائمخاني موجب آئون ۽ منهنجي ڦٽي مرچ جي ڪانٽي تي ڪم ڪندڙ مزدور نثار خاصخيلي ڊگهڙي شھر جي بينڪ مان ڇھ لک روپيا ڪڍائي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ٽنڊوجان محمد طرف کڻي وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ محمد علي شاخ ڀرسان ٻه نامعلوم هٿياربند موٽرسائيڪل سوار جن  جي منهن تي ماسڪ پهريل هئا پسٽل جي زور تي ڇھ لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا اطلاع تي ڊگهڙي پوليس پهچي جانچ شروع ڪري ڇڏي آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.