سجاول ۾عورت جو پوليس خلاف احتجاج، پٽ کنڀي گم ڪرڻ جون دانهون

سجاول (رپورٽ : امتياز سومرو ) سجاول مان ڇھ ڏينهن اڳ مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان شهمير سميجو جي بازيابي لاءِ سندس پيرسن امڙ سڪينه سميجو ۽ ڀيڻ رحمت  سميجو پاران پريس ڪلب سجاول آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي پوليس هٿان بناجواز کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارث عورتن ايس ايڇ او سجاول خلاف دانهيندي چيو ته ڇھ ڏينهن اڳ ايس ايڇ او سجاول بااثر تپيدار جي چرچ تي پنهنجي پرائيويٽ ڪار ۾ اسان جي نوجوان شھمير سميجو کي بنا جواز کنڀي کڻي ويو آهي جنهن کي اڃا تائين ظاهر نٿو ڪري ۽ گم ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته اسان کي انديشو آهي ته  سجاول پوليس بااثر جي چرچ تي نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ذريعي ماري ڇڏيندي يا ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو هنن چيو ته نوجوان شھمير سميجو  سجاول ۾ مزدوري ڪندو آهي جنهن کي بنا جواز کنڀي گم ڪري زيادتي ڪئي وئي  نوجوان جي پيرسن امڙ ايس ايڇ او سجاول کي پٽون پاراتا ڏيندي چيو ته منهنجي پٽ سان هڪ دفعو مون کي ملايو وڃي متاثرين عورتن اعلي اختيارين سميت چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي آهي ته پوليس هٿان بناجواز کنڀي گم ڪيل نوجوان شھمير سميجو کي آزاد ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.