ٺل ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، عورت سميت 4 زخمي

ٺل ( ن ع آ )  ٺل ڀرسان باهوکوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ داد  محمد ۾ ملڪ بردري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو،جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب معشوق ملڪ،سندس ماءُ مسمات زرگل ملڪ ۽ امام الدين ملڪ سميت 4 زخمي ٿي پيا.جن کي ٺل جي تعلقي اسپتال داخل ڪيو ويو،جنهن مان هڪ جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.جڏهن ته پوليس هڪ جوابدار يعقوب ملڪ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.