سرڪاري ملازمن ۽ صعنتي مزدورن جي حقن لاءِ احتجاج

ايڊيٽوريل

گذريل مهيني کان وٺي وفاقي حڪومت جي ادارن مان هزارن جي انگ ۾ ملازمن جي برطرفين ۽ ڪراچيءَ جي صنعتي ادارن مان ملازمن جي نيڪالين خلاف ميڊيا تي ڪافي رپورٽون ۽ خبرون اينديون رهيون آهن ۽ اچي رهيون آهن، ڪالهه به ڪراچي  پريس ڪلب ٻاهران وڏي انگ ۾ سرڪاري توڙي خانگي شعبي مان برطرف ڪيل مزدورن ڪيترين ئي مزدورن يونين جي سربراهن ۽ مزدور اڳواڻن جي قيادت ۾ احتجاج ڪيو ويو، احتجاج دوران ڪراچيءَ جي صنعتي ادارن ۾ وڌندڙ حادثن، مزدورن جي گهٽ پگهارن، سهولتن جي اڻاٺ، ملازمت جي غير يقيني، فيڪٽري ملاڪن جي ڇاڙتن پاران مزدورن کي تنگ ڪرڻ خلاف سخت تنقيد ڪئي وئي جڏهن ته مظاهري ۾ مزدور تنظيمن جي اڳواڻن ۽ مهران ٽائون سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ نوجوانن جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت پڻ ڪئي، اين ٽي ايف جي رياض عباسي، ڪامريڊ گل رحمان،هوم بيسڊ ورڪرز فيڊريشن جي ڪامريڊ زهرا خان، بلديه سانحي ايسوسيئشن جي سعيد خاتون،  پيپلز ليبر بيورو سنڌ جي حبيب جنيدي، پائلر اڳواڻ ڪرامت علي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي ۽ مهراڻ  ٽائون سانحي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين قانوني جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.

ان موقعي نيشنل ٽريڊ يونين جي اڳواڻ ناصر منصور،  ڪامريڊ زهرا خان، حبيب جنيدي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هن وقت 95 سيڪڙو فئڪٽري مالڪ مزدورن کي سرڪاري طور  تي مقرر ٿيل پگهار نٿا ڏين، فيئڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن لاءِ  موت جا چيمبر بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، جڏهن ته عدالتون به مزدورن سان انصاف نه ٿيون ڪن، مزدورن جو بنيادي حق حاصل ڪرڻ ۽ اسيمبلي ويٺل ماڻهن جون اکيون کولرائن لاءِ اسان کي متحد ٿي تحريڪ هلائڻي پوندي، سياسي ماڻهو اسيمبلي  ۾ ويهي مزدورن جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن، مزدور اڳواڻن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن جيڪو ڪورنگي ۾ واقعو ٿيو ان جي سخت مذمت ڪريون ٿا سنڌ حڪومت کي گهرجي ته  مهراڻ ٽائون سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن کي 25 لک ۽ زخمين جي وارثن کي 10 لک ڏيڻ گهرجن،هنن چيو ته فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ مزدورن لاءِ سهولتون ڏنيون وڃن هتي ڪو به فئڪٽري مالڪ مقرر ٿيل پگهار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، اسان کي ڪنهن پارٽي ڪنهن سرمائيدار مان ڪا اميد ناهي، هاڻ هر هنڌ مزدور يونين لاءِ تحريڪ هلائي ويندي،  جيستائين مزدور متحد نه ٿيندا تيستائين هي مانگر مڇ ائين پيا مزدورن جو رت چوسيندا رهندا.

ٻئي پاسي وفاقي حڪومت پاران وفاقي ادارن مان هزارن جي انگ ۾ برطرف ٿيندڙ ملازمن پڻ احتجاج جو سلسلو جاري رکندي مختلف فورمز تي پنهنجو ڪيس پيش ڪيو آهي، ۽ هاڻي انهن جي تحريڪ عوامي سطح تي پڻ منظم ٿي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو برطرف سرڪاري ملازمن جو هڪ وڏو انگ خانگي شعبي مان برطرف ڪيل انهن مزدرون جي احتجاج ۾ پڻ شامل ٿئي ٿو، جيڪا ڳالهه اهو ثابت ڪري رهي آهي ته ملازم سرڪاري هُجي يا وري نجي شعبي جو اهو جڏهن استحصال جو نشانو ٿئي ٿو ته هڪ نئين تحريڪ هلائي ٿو.

ملڪ جي سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ادارن ۽ ڪارخانن مان وڏي انگ ۾ مزدورن جي نيڪاليءَ وارو منطق اسان جي سمجهه ۾ بلڪل به نه ٿو اچي، سوال هي آهي ته آخر ڪار اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ملڪ انتهائي معاشي ۽ اقتصادي بحران جو شڪار آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ سو طرفن کان به جيڪڏهن ڦري گري اچبو ته رڳو منزل ۽ حل هڪ ئي ملندو ته جيستائين ملڪ اندر پيداواري عمل شروع نه ٿيندو ۽ انهن شين جو پرڏيهي واپار نه ٿيندو تيستائين ملڪ مان نه ته اقتصادي بحران ختم ٿيندو ۽ نه ئي معاشي بحران ختم ٿيندو.

گذريل ڏينهن تائين وزير اعظم ۽ ان جا اقتصادي ماهر اهو چئي چڪا آهن ته هاڻي ملڪ جي برآمدي واپار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ جامع منصوبا بندي ڪئي ويندي، اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي سرڪاري توڙي نجي ادارن مان ملازمن جي نيڪالي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي. اسان ان خيال جا آهيون ته وفاقي حڪومت جيتوڻيڪ اهو اعلان ڪيترائي دفعا ڪري چڪي آهي ته ملڪ ۾ ڪروڙن جي انگ ۾ ملازمنتون ڏنيون وينديون جڏهن ته اهڙي ڪنهن به اعلان تي عمل ٿيندو نظر نه ٿو اچي پر ان جي ابتڙ ملڪ جي سرڪاري توڙي نجي ادارن مان هزارن جي انگ ۾ ملازم برطرف ڪيا ويا آهن ۽ ان کان سواءِ ملڪ جي معاشي بحران ۽ صنعتين جي بند ٿيڻ ڪري لکن جي انگ ۾ ملازم بيروزگار پڻ ٿيا آهن.

اهڙي صورتحال اهو قطي طور تي نه ٿو چئي سگهجي ته ملازمن جي اهڙي بي روزگاري ملڪ ۾ ڪهڙي صورتحال کي جنم ڏيندي. پر اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته ملڪ ۽ معاشري ۾ جڏهن به بيروزگاري وڌندي آهي ته ان ملڪ ۽ معاشري ۾ يا ته ڏوهه وڌندا آهن يا وري خوني انقلاب ۽ گهرو شروع ٿي ويندي آهي، ملڪ جي روڊن ۽ رستن تي هزارن جي انگن ۾ روز جي بنياد تي مزدورن جا احتجاج اهڙي ئي صورتحال جي هڪ جهلڪ آهي، تنهنڪري اسان وفاقي حڪومت سميت، سنڌ حڪومت ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪارن ۽ ڪارخانيدارن کي اها ئي گذارش ڪنداسين ته ملازمن ۽ مزدورن کي برطرف ڪرڻ بجاءِ بهتر اهو ٿيندو ته پنهنجن ادارن کي وڌ کان وڌ پيداواري عمل لاءِ اهل ۽ سرگرم بڻايو ته جيئن اوهان لاءِ ملازم برطرف ڪرڻ جي نوبت ئي نه اچي، سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۽ صنعتن مان ملازمن ۽ مزدورن جي نيڪالي معاشي بحران گهٽ نه پر وڌائيندي، تنهنڪري ان ڏس ۾ سوچ جي زاويي کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.