طالبان حڪومت جو اصل امتحان

تحرير: امتياز عالم

افغان طالبان جي ترجمان ذبيع الله مجاهد عالمي برادريءَ سان تعاون لاءِ ٽن نقطن تي ٻڌل ايجنڊا پيش ڪئي آهي، جن ۾ دهشت گردي، آفيم جي پيداوار ۽ افغان مهاجرين جو مسئلو شامل آهي، انهن ٽنهي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري سخت ڳڻتي ۾ ورتل آهي، پنهنجين ڪمزورين کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ ڪو ئي افغان ويڙهاڪن کان سکي،  جنگي مهارت جي حوالي سان ته انهن چين جي عظيم جنگي ماهر سن تزو جي اصولن تي عمل ڪندي بنا جنگ ڪندي ڪابل فتح ڪري ورتو آهي، پر ڪابل تي فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ انهن کي جيڪي مسئلا درپيش آهن، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ نه ته انهن وٽ علمي قابليت آهي، نه ئي ماهراڻيون صلاحيتون آهن ۽ نه ئي وري کين ماهر ميسر آهن. افغانستان مان ماهر ماڻهن جو ڏيهه مان نڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪيترائي نڪري ويا آهن ۽ ڪيترائي نڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آهن.

جديد رياست ۽ ان جي ادارن کي گذريل ويهن سالن کان آمريڪي سامراج، ان جي اتحادين  ۽ عالمي ادارن ٺاهي ڏنو هو، اهي ادارا هاڻي اچي پٽ تي پيا آهن، طالبان پاران عام معافيءَ جي اعلان ۽ نوڪريءَ تي واپس اچڻ وارين اپيلن باوجود ملڪ جون سموريون وزارتون ۽ ادارا خالي پيا آهن، ڏهن لکن کان مٿي سرڪاري ملازم، غير سرڪاري تنظيمن جا عهديدار ۽ ملازم بي روزگار ٿي ويا آهن ۽ گذريل ٽن مهينن کان پگهارن کان محروم آهن. هن وقت ملڪ جو خزانو خالي آهي ۽ اسٽيٽ بينڪ جا 9.6 ارب ڊالر آمريڪا ۾ ضبط ٿيل آهن، ڪيترائي بينڪ کليا ته آهن پر انهن ۾ ڪيش ختم ٿيڻ تي آهي، جڏهن ته هنڊي جي ذريعي ڏي وٺ جو سلسلو جاري آهي جنهن ڪري هنڊي جو ڪاروبار ڪندڙ خوب ڪمائي رهيا آهن، غير رسمي طور تي پئسي جي ڏي وٺ جي حوالي سان افغانين جو ڪوبه مٽ ۽ ثاني نه آهي، پر افسوس جو ان سان رياست جو ڪاروبار هلي نه ٿو سگهي.

گذريل سال خرچن جو ڪاٿو 11- ارب ڊالرن جو هيو جنهن جو گهڻو ڪري مدار پرڏيهي مدد تي هيو، هن وقت افغانستان جو برآمدي واپار 1 ارب ڊالرن کان گهٽجي اچي رڳو ڪجهه ڪچي مال جي برآمد تي پهتو آهي، هن وقت افغانستان وٽ جيڪڏهن وڪڻڻ لاءِ ڪجهه آهي ته افغان حڪومت جي ترجمان ذبيع الله مجاهد جي بقول دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ خدمتون، آفيم جي پيداوار روڪڻ لاءِ پرڏيهي مدد ۽ افغان مهاجرن جي آبادڪاريءَ لاءِ پرڏيهي امداد ته جيئن 30- لکن جي لڳ ڀڳ افغان مهاجرن لاءِ روزگار جي ذريعا پيدا ڪري سگهجن، مزي جي ڳالهه اها آهي ته انهن ٽنهي شعبن  جي مد ۾ هر سال اربين ڊالرز گهرجن ۽ وري اهي اربين ڊالر کين انهن ماڻهن کان ئي ملندا جن سان افغان طالبان گذريل ويهن سالن کان وڙهندا رهيا آهن، افغانستان سخت ڏکر جي ور چڙهيل آهي اڌ کان وڌيڪ آباديءَ وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، اسپتالن ۾ نه دوائون آهن ۽ نه ئي عملو آهي، جڏهن ته اسڪولن ۾ نه شاگرد آهن ۽ نه ئي استاد آهن، سموري رياست جو نظام الٽ پلٽ ٿيل آهي.

وري طالبان جو ضد اهو آهي ته 2001 ۾ آمريڪا جي حملن ڪري جيڪا افغان امارات جي حڪومت ۽ رياست تباهه ٿي وئي هُئي ان کي بحال ڪريو، ان لاءِ وري جيڪڏهن افغانين جو پورو نئون نسل تيار به ٿيو آهي ته رڳو قتل ۽ غارت لاءِ نه ڪي تعليم يا هنر لاءِ، ملڪ ۾ جيڪڏهن نئين سياسي نظام جو اعلان ٿي رهيو آهي ته اهو به 1966ع کان 2001ع تائين جي طالبان دور جي طرز جهڙو، پر هن دفعي گهڻي قدر امڪان اهو آهي ته ايران جي رياستي ماڊل جي ڪاپي ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ طالبان جو امير ملا حيبت الله هڪ سپريم ليڊر هوندو ۽ ان جي ڪمانڊ ۾ هڪ مجلس شورى ( يعني ايراني طرز جي واليت فقهيه) تشڪيل ڏني ويندي. حڪومت جو سربراهه ملا برادر هوندو جڏهن ته ٻين وڏن عهدن تي جهادي اڳواڻن کي مقرر ڪيو ويندو جن ۾ سراج الحق حقاني ۽ ملا يعقوب ذڪر لائق آهن.

ايندڙ مهيني اولسي جرڳي جي ٿيڻ کان اڳ شورائي نظام جو ڌانچو ترتيب ڏنو ويندو جيڪو شريعت تي ٻڌل هوندو، جنهن ۾ چونڊن، جديد عدليه، چونڊيل ادارن، غير سياسي انتظاميه، انساني حقن ۽ عورتن جي حقن کي اها حيثيت حاصل نه هوندي جيڪا دنيا جي جديد ۽ مهذب معاشرن ۾ هوندي آهي.  اهڙن قدمن سان هڪ گڏيل سياسي نظام جي نفي ٿئي ٿي جنهن کي عالمي طور تي پذيرائي ملڻ تمام مشڪل آهي.

افغانستان وکري سگهي ٿو ۽ پنج شير ۾ طالبان پاران حاصل ڪيل فتح وري ڪنهن گهرو ويڙهه ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، اهڙي صورتحال ۾ دنيا جو اهيو خيال ته طالبان جي هاڻوڪي سوچ، طالبان جي اڳ واري سوچ کان تبديل ٿيل هوندي جلد ئي غلط ثابت ٿيندو. هاڻي اهو فيصلو ٿيڻ مشڪل آهي ته افغان امارات شريعت جو فيض حاصل ڪندي يا وري دنيا جي اخلاقي ۽ سماجي طور تي آلوده ماحول مان فيض حاصل ڪندي. هاڻي روايت ۽ جديديت جو تضاد افغانستان ۾ تيز ٿيندو پيو وڃي جنهن ۾ افغانستان جا ملا ماڻهو قدامت ۽ روايت طرف وڌي ويندا ۽ جديديت پسند يا عمليت پسند عنصر دنيا داريءَ ۾ لڳي ويندا.

بطور رياست امارات افغانستان جي مستقبل جو دارو مدار هاڻي عالمي برادريءَ جي قاعدن ۽ قانون تي عمل ڪرڻ، عالمي ادارن ۽ عالمي برادريءَ سان سهڪار ڪرڻ، ۽ پرڏيهي امداد تي هوندو، هن وقت سڄي دنيا جي گاديءَ وارن هنڌن تي انهيءَ ڳالهه تي بحث ٿي رهيا آهن، طالبان جي حڪومت کي هڪ جائز حڪومت طور تي تسليم ڪرڻ ۾ اڃان وقت لڳندو جڏهن ته هڪ عبوري حڪومت جي حوالي سان طالبان سان تعاون ڪرڻ لاءِ دوحا ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي. افغان مهاجرن جي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ اولهه جا ملڪ پاڪستان سان رابطو ڪري رهيا آهن ته اهو به رڳو ان لاءِ ته پاڪستان ۾ افغان مهاجرن کي عارضي طور تي ٽڪايو وڃي يا وري پاڪستان طالبان متعلق عالمي طور تي جيڪي خدشا آهن انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هاڻي پاڪستان جو طالبان تي ڪيترو اثر رهندو؟، ان ڳالهه جو دارو مدار ان تي رهندو ته پاڪستان افغانستان جي ادارن جي بحالي خاص ڪري فوجي ادارن جي بحاليءَ ۾ افغان حڪومت جو ڪيترو ساٿ ڏئي ٿو؟.

بحرحال اسلامي امارات افغانستان جو مستقبل هڪ پوئتي پيل، محتاج ۽ قدامت پرست رياست جو هوندو، ان کي پنهنجي رياست جي ڪاروبار هلائڻ يا پنهنجي عوام جي گذرسفر لاءِ يا ته اولهه جي ملڪن جي شرطن کي تسليم ڪرڻو پوندو جيڪا ڳالهه تمام گهڻي مشڪل آهي يا وري شريعت مان فيض حاصل ڪندي رکي سکيءَ تي گذارو ڪرڻو پوندو، مزي جي ڳالهه اها آهي ته افغانن کي دنياداريءَ جي حوالي سان پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري رهڻ جي حيرت انگيز صلاحيت موجود آهي، صورتحال اهو ٻڌائي رهي آهي ته اهي ويهه سال پوئتي وڃڻ بجاءِ اڳتي وڃڻ چاهيندا.

هاڻي جڏهن ته افغانستان مان جهاد ۽ قتل ختم ٿي چڪو آهي، اهڙي صورتحال ۾ طالبان وٽ دنيا آڏو وڪرو ڪرڻ لاءِ رڳو ٽي ئي مسئلا آهن، دهشتگردي بند ڪرڻ لاءِ مدد وٺڻ، آفيم جي پيداوار  ختم ڪرڻ  لاءِ امداد وٺڻ ۽ سفارتي محاذ تي ڪردار ادا ڪندي افغان مهاجرين جي آبادڪاريءَ لاءِ مدد طلب ڪرڻ، هاڻي افغان جنگ معاشي، سياسي ۽ سفارتي محاذن تي وڙهي پئي وڃي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا امارات اسلاميه ڪامياب ٿئي ٿي يا نه.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.