ايندڙ چونڊن لاءِ سنڌ ۾ وڌي ويل سياسي سرگرميون!

تحرير: ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

آيل خبرن موجب سڄي ملڪ کان وڌيڪ سياسي سرگرمي سنڌ اندر شروع ٿي چُڪي آهي. وزيراعظم عمران خان به سنڌ اندر سياسي چُرپُر ڪرڻ لاءِ اڳوڻي وزيراعليٰ ارباب غلام رحيم کي پنهنجو صلاحڪار ٺاهي اسلام آباد جي سرزمين تي هُن لاءِ سياسي گهر ته الاٽ ناهي ڪيو، باقي سنڌ اندر سياسي جوڙ توڙ جو ٽاسڪ ضرور ڏنو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجي صوبائي حڪومت ٺاهڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن. ان کان علاوه موجوده سنڌ حڪومت خلاف ٻيا به اتحاد جڙي رهيا آهن، جن جون گڏجاڻيون ڪڏهن گهوٽڪي ته ڪڏهن وري لاڙڪاڻي ۾ ٿي رهيون آهن. لاڙڪاڻو اتحاد هجي يا گهوٽڪي جا مهر صاحبان، انهن به سندرا ٻڌي پنهنجا اتحاد ٺاهي، هن ڀيري وڏي حڪمت عمليءَ سان پ پ حڪومت خلاف رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيو آهي.

صوبي اندر اهڙي ٻڙڌڪ مچڻ کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي به تحرڪ ۾ اچي وئي آهي. سندن جڙندڙ اهڙن اتحادن جا چئلينج قبولڻ سان گڏوگڏ شروعاتي طور تي انهن سنڌ ڪابينا اندر وزارتن جو ردوبدل ۽ ڪجهه نوان صلاحڪار ۽ معاون به مقرر ڪيا آهن ۽ ظاهري طور پ پ قيادت صوبائي صدر نثار کهڙو کي سنڌ اندر پاڻيءَ جي کوٽ خلاف پوري صوبي ۾ 5 سيپٽمبر کان احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، پر اڻ سڌيءَ طرح پاڪستان پيپلز پارٽي پوري صوبي، ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سياسي جلسا ڪرڻ ۽ عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ اِها تحريڪ شروع ڪئي آهي.

جڏهن ته تازو پ پ چيئرمين به ويجهڙ تقريبن صوبي جي اڪثر ضلعن اندر سياسي جلسا ۽ عذر خواهيون ڪري چُڪو آهي. پ پ چيئرمين جو قافلو ڪراچيءَ کان ٿيندو ٺٽي پهتو، جتي هن شيرازي ڀائرن سان عذر خواهي ڪرڻ کانپوءِ وڏن قافلن جي صورت ۾ آخري جلسو گهوٽڪيءَ ۾ ڪيو، جيڪو سنڌ جو آخري ڇيڙو آهي. انهيءَ جلسي ۾ پ پ چيئرمين اِهو اعلان ڪيو ته عورتون اڳتي اچن، انهن کي مضبوط ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو مشن آهي. باقي پ پ چيئرمين سڄي صوبي جي هڪ پٽي يعني ٺٽي کان نواب شاهه، ٽنڊو الهيار، خيرپور، ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ ٻين هنڌن تائين جيڪي به جلسا ۽ پريس ڪانفرنسون ڪيون، تن ۾ ڳالهيون اُهي ئي روايتي هيون، جيڪي پ پ چيئرمين پي ڊي ايم جو حصو هجڻ کانپوءِ ۽ اڄ سوڌو ڪيون آهن. آئون سمجهان ٿو ته تازو پ پ چيئرمين جيڪو عذر خواهيون ڪرڻ جي نالي تي سنڌ جو دورو ڪيو آهي، تنهن کي ايندڙ چونڊن جي تياريءَ جو حصو چئي سگهجي ٿو. باقي هو جيڪو به ان کي رنگ ڏين، انهن اعلانن يا موقفن سان ته بحث نٿو ڪري سگهجي.

پ پ چيئرمين جي تازي دوري دوران مختلف ضلعن اندر جيڪي جلسا ڪيا ويا، تن ۾ ڪافي اختلاف به سامهون نظر آيا. جيئن نوابشاهه کانپوءِ پ پ چيئرمين کي خيرپور ضلعي جي راڄپرن وٽ وڃڻو هو پر سندس روٽ تبديل ڪرايو ويو. ٻيو ته ٻين ضلعن جيان پ پ اندر اُن وقت به رنجشون سامهون آيون، جڏهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو گهوٽڪي ۾ آخري جلسو ٿيو. جتي ڌاريجا ڀائر مڪمل طور ٻاهر رهيا جڏهن ته ان وقت هڪ عجيب ڏيک ڏسڻ ۾ به آيو، جڏهن جلسي اندر ٻن طاقتور سياسي اڳواڻن ڄام مهتاب ڏهر ۽ تازو پي ٽي آءِ کي الوداع ڪري پ پ ۾ شموليت ڪندڙ شهريار خان شر، جيڪي ٽن ڪلاڪن تائين سينگاريل اسٽيج تي گڏ ته ويٺا رهيا، پر ٻنهي جا رُخ الڳ الڳ هئا. جنهن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته هن وقت پوري سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پ پ اندر ظاهري يا اڻ ظاهريءَ طور وڇوٽيون وڌي رهيون آهن. اُن جلسي ۾ پ پ ايم اين اي محمد بخش خان مهر به پنهنجن سئوٽن خلاف خوب ڇوهه ڇنڊيا.

هونئن به سنڌ جي سياسي صورتحال جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته سڀ کان وڌيڪ سياسي سرگرمي گهوٽڪي ضلعي ۾ هلي رهي آهي، خاص طور جڏهن کان مهر سردارن وچ ۾ سرداري پڳ تان شروع ٿيل ڇڪتاڻ، اليڪشني مهم ۾ تبديل ٿي وئي آهي ته اُتي سياسي تاءُ ڏسڻ ۾ اچي پيو. گهوٽڪي شهر توڙي خانپور مهر، ميرپور ماٿيلو کان وٺي گهوٽڪي ضلعي جي آخري تعلقي اوٻاوڙو تائين، جتي ڄام مهتاب ڏهر ۽ شهريار خان شر ساڳي حلقي تان اليڪشن وڙهندا آهن، سندن سامهون ايندڙ رويا خبر ناهي ايندڙ اليڪشن ۾ ڪهڙا پيغام کڻي ايندا، ڇو ته وقت کان پهريان ڪجهه چئي نٿو سگهجي ٻيو ته اڃا چونڊن ۾ ٻه سال پيا آهن. پر اڻ سڌيءَ ريت هينئر کان ئي پ پ اندر اختلافي صورتحال سامهون اچڻ لڳي آهي.

خير منهنجو اِشو گهوٽڪي جي سياسي صورتحال هرگز نه آهي پر پ پ قيادت لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال افسوس جهڙي نظر ايندي ڪافي سوال جنم وٺي رهيا آهن. گڏوگڏ وزيراعظم جو معاون ارباب غلام رحيم به جتي ٻين ضلعن اندر تحرڪ ۾ نظر اچي رهيو آهي، ساڳئي وقت هو گهوٽڪي ضلعي جي مک سياسي اڳواڻ سردار علي گوهر خان مهر سان به ملاقاتون ڪري چُڪو آهي ۽ هو گهوٽڪيءَ جي مختلف برادرين وٽ وڃي عذر خواهيون ۽ ملاقاتون پڻ ڪري چُڪو آهي.

وزيراعظم عمران خان ايندڙ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٻين اتحادين سان ميل جول ڪري ڏسڻ جا خواب ته ڏسي رهيو آهي ۽ هن ارباب غلام رحيم کي انهيءَ لاءِ سنڌ مان شايد واحد پنهنجو معاون به ٺاهيو آهي ته هو سنڌ جي عوام ڏانهن سندس پيغام کڻي وڃي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ سندن پارٽيءَ کي سوڀارو ڪرائي. خير خواب ته سڀ ڪو ڏسي سگهي ٿو، رڳو پي ٽي آءِ ڇو؟ پاڪستان پيپلز پارٽي، جيڪا گذريل ٽن اليڪشنز ۾ سوڀاري ٿي چوٿون ڀيرو به پاڻ کي ’نه لهر نه لوڏو‘ سمجهي ٿي، سا ايندڙ اليڪشن کٽڻ لاءِ پُراعتماد آهي، پر اِها خبر تڏهن پوندي، جڏهن سنڌ جا ماڻهو، جيڪي ڪورونا جي آڙ ۾ لتاڙيا ويا، سنڌ جي ٻيٽن واري معاملي تان ڇڪتاڻ ڪندا رهيا، گڏوگڏ بحريه ٽائون جو اشو هجي يا آبادگار جو، لکين بيروزگار نوجوان هجن، بک ۽ بدحاليءَ کانپوءِ پيش ايندڙ واقعا هجن يا قبائلي خونريزي، جيئن تازو ڪنڌڪوٽ ۾ چاچڙ- سبزوئي جهيڙي ۾ هڪ ئي جاءِ تي 12 گهر اُجاڙيا ويا، تن مقتولن جي وارثن سان انصاف ته پنهنجي جاءِ تي پر انهن جي دلي آٿت ڪنهن ۽ ڪهڙي پارٽي ڪئي، اُهي منظر ۽ گڏوگڏ سڄي سنڌ جا اُهي اِشوز هجن، جيڪي سنڌ دشمن منصوبن سان سلهاڙيل هجن، انهن تي پ پ هجي يا پي ٽي آءِ، ڪنهن ڪيترو پنهنجو فرض نڀايو، تنهن تڪليف کي يقينن اڄ سنڌ جو هر باشعور ماڻهو سمجهي ٿو. سنڌ جي ماڻهن سان ڪهڙيون ويساهه گهاتيون ڪيون ويون، اڄ سوڌو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن تي لڳل ڌاڙن تي ڪنهن سياسي پارٽيءَ چپ چوريا يا ڪنهن ڏند کٽا ڪري دِل آزاري ڪئي؟ سي عمل صاف ۽ چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. باقي ڪنهن کي معاون بڻائجي يا ڪنهن کي وزارت ڏجي، تنهن سان سياسي ڀوتار سنڌ جي باشعور قوم کي پنهنجو نه ٿا ڪري سگهن. ڇو ته سنڌ جو ماڻهو هونئن ئي ڏاهپ جي مراعت رکي ٿو، بس ڪي ٽيڪنيڪل مجبوريون هجڻ ڪري سنڌ جو ماڻهو عملي جمهوري سياست کان ڪنڊائتو رهيو آهي ۽ انهن موسمي سياسي ماڻهن تي وڏي عرصي کان اعتماد ڪندي، اڄ سنڌ جو ماڻهو يقينن پنهنجي صوبي جي تمام ادارن جو حال ڏسي سوچڻ تي مجبور ٿيو آهي ته آخر ڪهڙيءَ ريت مڙهيل ۽ ڪوڙا دِلاسا ڏيندڙ حڪمرانن کان پنهنجي جان ڇڏرائجي!

وزيراعظم عمران خان ڪيترا به معاون مقرر ڪري پر سنڌ جي ماڻهن کان جيڪي حق کسيا ويا، سي به خاص طور هن وفاقي حڪومت دوران، منهنجي خيال مطابق اهڙي ناانصافي شايد جنرل ضياءُ جي دور يا وري آمر مشرف واري دور ۾ به نه ٿي هُئي. جيڪي ويساهه گهاتيون ۽ نفرتون پکيڙڻ وارا عمل اڄ سوڌو سنڌ جا ماڻهو خاص ڪري سنڌي سٻاجهڙا سهي رهيا آهن.

تاريخ ۾ ڪڏهن به سنڌ اندر پاڻيءَ جي ايتري کوٽ پيدا ڪونه ڪئي وئي، وفاقي کاتن اندر سنڌي ماڻهن سان ٻه اکيائي ايتري ڪڏهن به ڪونه ٿي، ملڪي تاريخ ۾ سنڌ جي ٻيٽن، سنڌ جي زمينن تي قبضن جا منصوبا ڪڏهن ڪونه جُڙيا هُئا. اهڙن عملن کان علاوه هن وفاقي حڪومت ايتري تائين جو سپريم ڪورٽ اندر سڄي ملڪ مان هڪ سنڌي جج کي مقرر ڪرڻ به برداشت نه ڪيو، جو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جيڪو لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو، ان کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ٿيڻ لاءِ رڪاوٽون وڌيون ويون. وفاقي ڪابينا پاران انهي سنڌي جج سان ٻه-اکيائي ڪري سنڌي ماڻهن توڙي جو سنڌ جي وڪيلن کي روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. ڇا هي سنڌ جي ماڻهن سان ڪيل هيڏا هاڃا ايترو آساني سان وسري سگهن ٿا ۽ خبر ناهي ته موجوده وزيراعظم هن ديس ڌڻين سان ايتريون ناانصافيون ڪرڻ کانپوءِ به پنهنجو معاون اُهو مقرر ڪيو آهي. شايد 12 مئي جو واقعو هجي يا ڪراچيءَ جي هلندڙ اُها رَت واري رات هجي، جنهن ۾ مهذب وڪيلن کي زندهه ساڙي ماريو ويو هو، ايتري تائين جو انهيءَ دور ۾ ته ڪراچي جي يونيورسٽيءَ کان وٺي اسڪولن تائين سنڌي ماڻهن جي اولاد کي داخلا به نه ڏني ويندي هئي، تڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ به اهو ئي هو جيڪو اڄ وزيراعظم پاڪستان جو معاون بڻجي سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجو ڪرڻ جا خواب پيو ڏيکاري. منهنجي خيال ۾ سندن هلندڙ تحريڪ وقت جو زيان آهي. ڇو ته سنڌ جو ماڻهو صابرين ضرور آهي پر هو ناانصافين تي برداشت جي سگهه رکي ٿو ۽ سنڌي ماڻهو وقت کان پهريان اظهار ڪونه ڪندو آهي.

پر منهنجو خيال آهي ته وفاقي توڙي سنڌ جي نمائندن کي ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جي ماڻهن ڏانهن سوچي سمجهي قدم وڌائڻ گهرجن. اڄ سنڌ جو ماڻهو نوڪريون ۽ ٻيون جائز سهولتون ته پنهنجي جاءِ تي پر پاڻي ڍُڪ لاءِ به بي يارو مددگار بڻيل آهي ۽ انهن جي ٻچن جو ساليانو گذر سفر ڄاڻي واڻي کسي انهن کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.