لاقانونيت جي ڏيهه مان کنڀجي ويل نوجوان سماجي اڳواڻ رابيل ابڙو

تحرير: زرار پيرزادو

¨ هڪ ٿيندو آهي قانون، ٻي ٿيندي آهي لاقانونيت- يعني هڪ ڪم ٿيندو آهي قانون موجب ٻيو ڪم ٿيندو آهي غير قانوني.

¨ ڌاڙيل، ڪو دشمن يا ٽولو ڪنهن ماڻهوءَ کي کنڀي اغوا ڪري وڃي، گم ڪري ڇڏي يا پنهنجي تحويل ۾ رکي ڇڏي ته اهو عمل نه رڳو غيرقانوني ڄاڻايو ويندو پر تمام وڏو ڏوهه به سمجهيو ويندو آهي.

¨ پر جيڪڏهن ساڳيو ڪم بنا ڪنهن گرفتاري جي وارنٽن جي ڪو سرڪاري اهلڪار ڪهڙو به يونيفارم پهري ڪري ته اهو عمل به غيرقانوني ۽ غير آئيني سڏبو ۽ سمجهيو ويندو آهي جنهن کي عدالتن ۾ چيلنج به ڪيو ويندو آهي يا ڪري سگهجي ٿو.

¨ ٻيو ته ڇڏيو ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽون به ايئن سياسي يا سرگرم سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ وارين ڪاررواين تي اعتراض وارينديون رهيون آهن پر پوءِ به اهو سلسلو پنهنجي ضد تي قائم آهي.

¨ ان جو مطلب ٿيو ته هتي جهنگ جو راڄ آهي، لاقانونيت چوٽ چڙهيل آهي ان کي ڪنهن به قسم جو ڪو ڀئه ناهي نه ئي ڪا جهل پل آهي.

¨ اهڙي لاقانونيت جي ڏيهه مان رپورٽن موجب ڳوٺ ٻلهڙيجي جو هڪ سنڌ دوست، عوام دوست، سماج دوست ۽ مزدور دوست نوجوان رابيل ابڙو ڪالهه ڪراچي جي ڊفينس ٽو مان کنڀجي ويو آهي.

¨ هي نوجوان سماجي تنظيم ”هوپ پيپلز فورم“ سان سلهاڙيل آهي ۽ ان جو ڊپٽي آرنگائيزر آهي. رابيل پهريون ڪورنگي ۾ رهندو هو ۽ ٻه ڏينهن اڳ ئي ڊفينس ٽو ۾ شفٽ ٿيو هو.

¨ رپورٽن موجب گذريل رات ٽين وڳي ڌاري ويگو ۽ پوليس موبائيل ۾ سوار اهلڪارن ڪارروائي ڪندي کيس سندس فليٽ تان کڻي ويا، آخري رپورٽن تائين سندس ڪو به ڏس پتو نه مليو آهي.

¨ هوپ پيپلز فورم جي اڳواڻن جي پڌري ڪيل بيان موجب رابيل کي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ مزدورن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ سرمائيدارن جي ظلم خلاف لاڳيتو جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کنڀي گم ڪيو ويو آهي.

¨ اهي به رپورٽون آهن ته رابيل ابڙو سنڌي بيروزگار نوجوانن کي ڪراچي ۾ روزگار ڏيارڻ ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ واري عمل ۾ سرگرم رهندو هو ۽ مظلوم طبقي جي اميد رهيو آهي.

¨ سنڌي قوم ۽ سنڌي نوجوانن جي ترقي، واڌ ويجهه ۽ سندن روزگار لاءِ سوچڻ، پتوڙڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ ڪو ڏوهه نه پر عظيم سوچ جو معراج هوندو آهي.

¨ اهڙن نوجوانن جا يقيني طور تي مخالف به هوندا، دشمن به هوندا، مٿس ڪوڙا ڪيس لڳائي کيس گرفتار ڪرائڻ جهڙا ڪڌا ڪم به ڪرائيندا هوندا ۽ ممڪن آهي ته رابيل جي ڪيس جا پيرا به ايڏانهن ويندا هجن.

¨ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي فيڪٽرين ۾ سنڌي پورهيتن کي تعصب جو نشانو بڻائڻ خلاف جن فردن مزاحمت ڪئي انهن مان رابيل به هڪ هو ڇا هيءَ ڪارروائي ان تعصب پرست سنڌ دشمن مافيا ڪرائي آهي؟ هن ڪيس کي ان روشني ۾ به ڏسڻ گهرجي.

¨ پر جيڪڏهبن ايئن آهي به ته ڇا انهن اهلڪارن جو اهو فرض ناهي ته اهي هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي ڪارروائي جا تفصيل ميڊيا کي ٻڌاين جيئن اها معلومات رابيل جي گهر وارن، مٽن، مائٽن، دوستن ڳوٺاڻن ۽ سندس تنظيم کي پئجي سگهي ته هو ڪٿي ۽ ڪهڙي ڏوهه ۾ جهليل آهي.

¨ يا اهو ڇو ممڪن ناهي ته جيڪڏهن سرڪاري اهلڪارن اها ڪارروائي ڪئي آهي ته اهي جوابدار کي پوليس ٿاڻي تي رکن ۽ سندس والدين ۽ مٽ مائٽ کي اطلاع ڪن ته جيئن اهي پنهنجي ٻچي جي صورتحال کان واقف ٿي سگهن ۽ پل پل جي موت جهڙي انتظار کان بچي سگهن.

¨ اهڙيون سخت ڪارروايون ته خوفناڪ دهشتگردن، ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف ڪيون وينديون آهن. پر افسوس ته هاڻي سماج يا پنهنجي قوم جي ڀلائي لاءِ سوچڻ ۽ پتوڙڻ کي به ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو ۽ اهڙن سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان رهزنن جهڙيون ڪارروايون ڪيون وڃن ٿيون.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته سنڌ حڪومت يا سنڌ هاءِ ڪورٽ جيڪڏهن ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيل اهڙن واقعن ۽ ڪاررواين جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي انهن کي ٻنجو ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪندي ته پوءِ ”لاقانونيت“ ڇو نه چوٽ چڙهندي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.