ن ليگ چاهي ٿي ته فوج کين لفٽ ڪرائي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري هڪ ڀيرو به ڌانڌلي  بنا چونڊون نه کٽيون،اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ڌانڌلي ذريعي ئي وزيراعظم بڻجي سگهن ٿا، تنهن ڪري انهن جي چونڊ سڌارن ۾ ڪا دلچسپي ناهي،هن چيو ته نواز شريف يا ن ليگ ڪڏهن چونڊ سڌارن جي ڳالهه نه ڪئي، حڪومت جيڪا به سڌارا آڻي ٿي، اهي گهر ويٺي چئي ٿا ڇڏين ته اسان کي قبول ناهن، هن چيو ته ن ليگ چاهي ٿي ته فوج کين لفٽ ڪرائي، جيئن اهي ٻيهر اقتدار ۾ اچي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.