بحريا ٽائون جي قبضن ۽ زين شاهه جي گرفتاري خلاف ايس يو پي جا سڄي سنڌ ۾ مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي مرڪز جي سڏ تي سموري سنڌ اندر سيد زين شاھ سميت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙن ڪيسن خلاف زبردست احتجاج ڪيو ويو،ڪراچي، حيدرآباد،  ڄامشوري، دادو، ميهڙ، نوابشاهه، سيوهڻ، ڀان سيد آباد، لاڙڪاڻو، ٺل، جيڪب آباد، نواب ولي محمد، سڪرنڊ، قاضي احمد، نوشهروفيروز، ٺارو شاهه، مورو، ڪنڊيارو، خيرپور، گهوٽڪي، ڏهرڪي، شهدادپور، بدين ،سجاول ،ٺٽو ،منظور آباد، ڪوٽڙي، جوهي، شڪارپور، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جن کي روشن علي ٻرڙو، امير آزاد پنهور سميت مختلف مرڪزي اڳواڻن خطاب ڪيو،ڄامشوري ۾ پارٽي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاھ جو چوڻ هو ته بحريا ٽائون جي پٺيان سنڌ سرڪار مڪمل طور تي سهڪاري آهي، اسين سمجهون ٿا ته زرداري ليگ پهنجي منطقي انجام طرف وڌي رهي آهي، جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ صدر تسليم ڪري چڪا آهن ته بحريا ٽائون هڪ مافيا آهي ته  پو۽ ان مافيا خلاف وفاقي حڪومت جي خاموشي افسوس ناڪ آهي،هن چيو ته سنڌ ۾ افغان مهاجرن ۽ ٻين ڌارين کي آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي، ،ڪراچي ۾ ايس يو پي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، منير نائچ ،منير مگسي، ساگر کروڙ، علي نواز گبول، آغا شاھ زمان جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن  چيو ته 6 جون بحرياٽائون احتجاج کان پوءِ پي پي پي ۽ سنڌ پوليس ملڪ رياض جا ونگاري بڻجي قومپرست ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي ڪوڙيون ايف آءِ  آر ڪٽي بحريا ٽائون جي قبضي کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن شھدادڪوٽ ۾ حاڪم مستوئي،پير بخش ڀٽي، الله داد خشڪ، آصف مگسي،حمل خشڪ،معتبر چانڊيو، سيوهڻ ۾ ضلعي صدر درياه خان لغاري، علي اصغر سولنگي،  محمد نواز رند، ڪمانڊو شاھد ھاليپوٽو، آزاد منصور چنا، محمد خان سولنگي جي اڳواڻي ۾ ٽنڊومحمدخان ۾ ذوالفقار پپو ڀرڳڙي ،عمران لغاري، علي غلام سمون، فقير سليم ھاليپوٽو، ڪامريڊ حنيف بروهي، ذوالفقار لنڊ، ھمت چانڊيو، مجتبي لغاري، ميرل اعواڻ ، ماما صديق ملاح ،صالح ڳاھو  ذوالفقار ميمڻ گل محمد سمون ، ڪريم برھماڻي ، نور محمد برھماڻي، صلاح اعواڻ علي سمون واڍو ڪريم بروھي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٺل ۾ جمال جوش ٻرڙو،ڪامريد اصغر سجاڳ،امام الدين سرڪي،حفيظ نوناري،خيرپورناٿن شاھ ۾ نظير احمد ٻٻر، غلام محمد گاڏهي ،شوڪت چانڊيو، آصف پنهور، وسيم ڀرڳرڙي، مهراڻ ٻٻر، جواد چانڊيو، راحب کوسو، پورهيت مزاهميت اڳواڻ بلاول ڀرڳڙي، ماجد ٻگهيو، حسين آزاد لغاري ،عمرڪوٽ ۾ مهرعلي سمون ، ضلع صدر روشن منڱريو ،ساحل ساند ، گل بجير ، سڪندر آريسر ، حاجي ساند  لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر مظهر مغل، صدر ڀٽي، فتاح جانوري، منظور شيخ، خادم گهانگهرو، لياقت پنهور، گلاب کهاوڙ، احمد علي کوسو، آفتاب سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.