مهراڻ ٽائون ۾ سڙيل فيڪٽري بابت جاچ ۾ اهم انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ حادثي جو شڪار فيڪٽري بابت جاچ ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن،  فيڪٽري جي ڪاغذن ۾ فيڪٽري جي جاءِ تي رهائشي عمارت قائم آهي، پوليس ذريع موجب فيڪٽري جي جاچ دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ڪي ڊي اي کان به جاچ ڪئي وئي جن فيڪٽري جي زمين جا ڪاغذ پيش ڪيا جنهن ۾ فيڪٽري نه پر گهر ڄاڻايو ويو، ايس بي سي اي موجب ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ جيڪا فيڪٽري سڙي اها هڪ رهائشي عمارت ۾ قائم هئي، ان عمارت جي نقشي ۾ 5 بيڊروم، ڪچن ۽ واش روم جو نقشو پاس ٿيل آهي، مالڪ رهائشي عمارت جو نقشو پاس ڪرائي فيڪٽري اڏي ڇڏي، پوليس موجب ڪرائيدار حسن علي مهتا هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي 2 نالن جي انٽري ڪرائي، هن پاڪستان جي سڃاڻپ ڪارڊ ۾ نالو حسن علي آهي جڏهن ته برطانيه ۾ پنهنجو نالو حسن علي مهتا لکرايو آهي، پوليس موجب فيڪٽري مالڪ ۽ ڪرائيدار وچ ۾ جڳهه جو معاهدو 2019 ڻ ٿيو، ٿي سگهي ٿو ته حسن علي ٽيڪس بچائڻ لاءِ پنهنجا ٻه نالا استعال ڪيا هجن، هن وقت تائين فيڪٽري مالڪ فيصل طارق، ڪرائيدار حسن علي مهتا، فيڪٽري مئنيجر عمران زيدي ۽ چوڪيدار زين گرفتار آهن، جن کان جاچ ڪئي جو سلسلو هلندڙ آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.