ڪراچي ۾ دوست جي قتل جو ٻڌي نوجوان صدمي ۾ فوت

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ڪراسنگ تي ڦورون جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان عزير جي موت جو ٻڌي سندس جو ننڍپڻ جو دوست صدمي ۾  فوت ٿي ويو مقتول عزير جي تدفين کان واپس اچڻ بعدسندس جا دل جا وال بند ٿي ويا مقتول عزيز جو دوست پاڪستان آرمي ۾ شامل ٿيو هو دوست جي موت تي دل صدمو پهتو حمزہ پنهنجي دوست جو ٻڌي موڪل ڪري آيو هو اوچتو کيس دل جو دورو پئجي ويو ۽ وفات ڪري ويو جنهن کانپوءِ لانڍي جي علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو .

گلشن اقبال جي علائقي ۾ ڦورن جي 11 شهرين کان ڦرلٽ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ابو الحسن اصفھاني روڊ شھزاد هوٽل جي ويجھو 3 موٽر سائيڪل سوار ڦورون 11 شهرين کان  ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا مزاحمت تي فائرنگ ڪري هڪ شهري نديم کي زخمي  ڪري ڇڏيو ٻئي طرف زمان ٽائون پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ ٽارگيٽ ڪلر اسد کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدار کان اسلحو برآمد پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار نشاني باز آهي، جوابدار هڪ هفتو پهرين هڪ نوجوان ڪاشف کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.