ڪراچي ۾ آفر آرڊر نه ملڻ خلاف استادن جو احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) ارلي چائلڊ هوڊ ايجوڪيشن سيف جي استادن گذريل ٽن سالن کان آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو،ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ۾ ظهور احمد ڪٽو، شفيق ٿهيم، روبينه، رضيه، منور شاه، ڪريم بخش، عبدالمجيد، نعيم، محبت علي، مظفر علي، رفيق، ربنواز ۽ سيف جي استادن ٻڌايو ته سيڪريٽري تعليم ويٽيڊ ٿيل آفر آرڊر روڪي ملازمن سان ظلم ڪيو آهي، ٻن سالن ۾ ٻه سمريون 1392 ۽ 352 جاري ڪيون ويون، سمري جاري ڪندڙ سيڪريٽري تعليم ٻنهي سمرين تي عمل نه ڪري سگهيا آهن،سنڌ حڪومت ۽ سيڪريٽري تعليم پاران اسان کي ٽن سالن ۾ انصاف نه ملي سگهيو آهي جنهنڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهيون،هنن چيو ته  آفر آرڊر جاري ٿيڻ تائين احتجاج رهندو تڪڙو انصاف نه مليو ته سي ايم هائوس ڏانهن رخ ڪنداسين، ان ڪري وقت کان اڳ آفر ليٽر جاري ڪيا وڃن،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.