بحريا ٽائون سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب مٿان قبضو آهي: صنعان قريشي

حيدرآباد  ( ) جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم ميڊيا سينٽر قاسم آباد تان مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي  ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته بحريان ٽائون سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب مٿان قبضو  آهي، جنهن تي خاموش نٿو ويهي سگهجي، هن چيو ته ڌاري آبادي خلاف سنڌ جا حڪمران نوٽيس وٺڻ بدران سنڌ ۾ ڌارين کي وڌيڪ آباد ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ کي عالمي يتيم خانو سمجهي سنڌ سرڪار ۽ وفاق گڏيل طور تي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ جا فيصلا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڪراچي ۽ ڪوٽڙي ۾ فيڪٽرين ۾ سنڌي پورهيتن سان ناانصافيون وڌي ويون آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.