پروين رحمان قتل ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي دوران وڪيلن پاران حتمي دليل ڏنا ويا .جڏهن ته درخواستگذار جي غير حاضري جي ڪري عدالت 14سٽمپبر تائين ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي .پروين رحمان کي 2013ع ۾ قتل ڪيو ويو هو .

آفاق احمد ۽ عامرخان جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ جي سنگل عدالت ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي جي سربراهه آفاق احمد ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ عامرخان جي سزاجي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي .سرڪاري وڪيل ڪيس ۾ اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر اشرف قاضي ايڊووڪيٽ کي پيروي لاءِ مقررڪيو ويو آهي .جيڪو جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي عدالت ۾ مصروف آهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 11آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .آفاق ۽ عامر تي سياسي ڪارڪن فاروق بيگ جي قتل جو الزام آهي .ٽرائل عدالت جوابدارن کي 2010ع ۾ عمرقيد جي سزاٻڌئي هئي .

ضياالحسن لنجار اثاثا ڪيس جي ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ پ پ جي اڳواڻ ضياالحسن لنجار جي خلاف آمدني کان وڌيڪ  ملڪيتن ۾ ضمانت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .نيب جي وڪيل چيو ته هيڊڪوارٽر ضياالحسن النجار جي انڪوائري تي اعتراض ڪيو آهي.ان ڪري مهلت ڏني وڃي اعتراض ختم ڪري رپورٽ جمع ڪرائي آهي . عدالت 4 نومبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

سکر ۾ اينٽي ڪرپشن جو آفيسر سڏرائيندڙ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل

سکر(رپورٽر) سکر جي اينٽي ڪرپشن پوليس سکر لڳ ٻٻرلوءَ ۾ ڪاروائي ڪندي پاڻ کي اينٽي ڪرپشن جو آفيسر سڏائيندڙ جعلي آفيسر وارث علي ڀٽو کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن خلاف اينٽي ڪرپشن پوليس پاران ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، سکر اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽِي ڊائريڪٽر منير احمد کهڙو موجب گرفتار جوابدار پاڻ کي اينٽِي ڪرپشن جو ڊي ايس پي سڏائي ڪيتري ئي عرصي کي ماڻهن کي لٽي رهيو هو جنهن جو اطلاع مليو ته ڪاروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.