اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽينگ مشين جو استعمال رد ڪندي اعتراض اٿاري ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن اي وي ايم تي اعتراضن بابت تفصيلي رپورٽ سينيٽ جي قائمه ڪاميٽي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ چونڊي ۾ اي وي ايم جو وڏي پئماني تي استعمال ڪيو ويندو، بابر اعواڻ موجب ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ بائيو ميٽرڪ جو ڪو نظام ناهي، اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب ڄاڻايل وقت تمام گهٽ آهي. 150 ارب خرچ ٿيڻ باوجوڊ ووٽنگ مشين جي حيثيت مشڪوڪ رهندي، هڪ ڏينهن ۾ مشينن ذريعي چونڊ ڪرائڻ مشڪل آهي، جڏهن ته مشين جي مرمت ڌاندلي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. مشين تي بيلٽ پيپر ۽ ووٽر جي شناخت گمنام ڪو نه رهندي، شفافيت تي سوال اٿندا. اليڪشن ڪميشن رپورٽ ۾اعتراض واريندي چيو آهي ته عين وقت تي عدالتي حڪم تي بيلٽ ۾ تبديلي ٿي ويندي آهي، اهڙي وقت تي مشڪلاتون پيش اينديون ۽ نتيجن ۾ دير ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.