شهباز جو فيصلو حتمي هجڻ گهرجي، پنجاب سرڪار ڊاهي سگهون ٿا: بلاول

ملتان/لوڌران (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهباز شريف ن ليگ جو صدر آهي، ان جو فيصلو حتمي هجڻ گهرجي،  شهباز شريف جو مسئلو اهو آهي ته هو بيان ڏيندو آهي ۽ پارٽي ان جي ترديد ڪري ڇڏيندي آهي، يا ته شهباز شريف مخالف ڌر اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪري يا وري اسان کي پنهنجو آڻڻ ڏئي . اسان پنجاب حڪومت ڪيرائي عمران خان کي سولائي سان ڪيرائي سگهون ٿا، جيئن ئي اپوزيشن تيار ٿي ته بي اعتمادي رٿ آڻينداسين. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ۽ لوڌران ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته پي ڊي ايم جا دوست عمران جي استعيفيٰ بدران اسان کان استعيفيٰ گهري رهيا هئا.  پي ڊي ايم ۾ جيستائين مونجهارو هوندو مسئلو حل نه ٿيندو، اسان ڪنهن جي مدد بنا حڪومت کي شڪست ڏني، وزيراعظم کي سينيٽ چونڊن ۾ شڪست ڏني، شهباز شريف کي طريقي ڪار بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو. شهباز شريف ن ليگ جو صدر آهي، ان جو فيصلو حتمي هجڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري موجب افغانستان جي حوالي سان اسان کي خدشا آهن ته عورتن، ٻارن، اقليتن ۽ ٻين طبقن جا حق ۽ پاڪستان پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. پ پ غريبن سان گڏ آهي، عمران ۽ نواز دور ۾ ملازمن جون پگهارون نه وڌيون. هن چيو ته صدر زرداري غريبن سان گڏ هو.   03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.