سنڌ ۾ ٽن سالن دوران ٺهيل ڊوميسائلن جي ڇنڊ ڇاڻ جو فيصلو، ٻن مهينن ۾ رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ ڪابينا ڪوڙن ڊوميسائلن خلاف ڪارروائي ڪندي سمورن ڪمشنرن کي ٽن سالن ۾ جاري ٿيل ڊوميسائلن جي پڙتال ڪري ٻن مهينن ۾ رپورٽ گهري ورتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي گذريل ٽن سالن اندر سمورن ضلعن ۾ جاري ڪيل سڀني ڊوميسائل / پي آر سي سرٽيفڪيٽن جي جاچ پڙتال ڪن ۽ 60 ڏينهن اندر رپورٽ ڪئي وڃي ته جيئن ڊوميسائيل/پي آر سي جي غلط استعمال بابت فيصلو ڪري سگهجي ۽ اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن. ھن چيف سيڪريٽري کي ھدايت ڪئي ته اهڙن آفيسرن / اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جن جعلي ڊوميسائيل / پي آر سي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا آھن ته جيئن انھن کي مثالي سزائون ڏئي سگھجن. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مئي 2020 ۾ سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو (SMBR) تحت هڪ ڪميٽي جوڙي هئي جيڪا ڊوميسائل / پي آر سي سرٽيفڪيٽ جي غلط استعمال جي جاچ ڪرائي سگهجي. ڪميٽي لاڙڪاڻي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ ڄامشورو جي چئن ضلعن ۾ ڊوميسائل / پي آر سي جاري ڪرڻ واري عمل جي جاچ ڪئي ۽ رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ موجب 423 ڪيسن جي جاچ ڪئي وئي ۽ انهن چئن ضلعن ۾ 154 کي مختلف بنيادن تي شڪي قرار ڏنو ويو. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته ڊوميسائل / پي آر سي جاري ڪرڻ جهڙو خاص ڪم بغير ڪنهن چڪاس جي هڪ خانگي ڪمپني حوالي ڪيو ويو. اھم ڪاغذن جھڙوڪ حلف نامي جو صحيح ريت بندوبست نه ڪيو ويو ۽ ڪيتريون ئي مشڪوڪ شيون مليون. گھڻي ڀاڱي ڪاغذ گهربل ”رهائش جو ثبوت“ جي طور تي تصديق ٿيل نه هئا. ڪابينا جي ميمبرن سان تفصيلي غور ويچار کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ خاص جاءِ لاءِ مستقل رهائش واري ثبوت کي غلط استعمال ۾ آندو ويو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سٽيزن شپ ايڪٽ 1951 تحت ڊوميسائل پاڪستان جي شهريت جو سرٽيفڪيٽ آهي ۽ اهو ڪنهن صوبي يا ڪنهن خاص جاءِ تائين محدود ناهي. ساڳي ريت پاڪستان سٽيزن شپ رولز 1952 ان کي پاڪستان ۾ مستقل رهائش لاءِ اهل قرار ڏئي ٿو. هن چيو ته مستقل رهائش جو سرٽيفڪيٽ (PRC) هڪ خاص علائقي ۾ رهائش جو هڪ دستاويز آهي. مراد علي شاهه ڪابينا جي منظوري سان ڊوميسائل ۽ پي آر سي جي قاعدن جو جائزو وٺڻ ۽ ترميم تجويز ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ڪميٽي ۾ روينيو وارو وزير مخدوم محبوب، آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ بورڊ آف روينيو جا سينيئر ميمبر شامل آهن. وڏي وزير آئي ٽي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ڊوميسائيل / پي آر سي لاءِ ڊيٽابيس تيار ڪري.اسڪول ايجوڪيشن کاتي، هڪ ”اسڪول ڪلسٽرنگ پاليسي“ پيش ڪئي جنهن تحت جاگرافيائي طور تي پاڙيسري هڪ ٻئي سان جڙيل اسڪولن جو هڪ ٽولو جيڪو هڪ خاص علائقي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ گڏيل سرگرمين جي خاصيت رکندو آهي.  تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته سنڌ جا اسڪول مختلف قسمن ۾ پکڙيل آهن جهڙوڪ پرائمري، مڊل، ايليمينٽري، هاءِ ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول. ٻهراڙي وارن علائقن جا اڪثر پرائمري اسڪول خراب آهن، هڪ ڪمرن ۽ هڪ استاد تي ٻڌل اسڪول پڻ آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪلسٽرنگ ذريعي ان آئسولٽڊ اسڪولن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ هڪ طريقي ڪار گهربل آهي. هر ڪلسٽر ۾ هڪ مرڪزي اسڪول هوندو جنهن کي حب اسڪول سڏيو ويندو آهي، باقي اسڪولن کي ڪلسٽر جي مرڪز سان گڏ گروپ ڪيو ويو آهي. ڪابينا ان تجويز جي منظوري ڏني . ڪابينا پرائمري کان ايليمينٽري تائين اسڪولن لاءِ ’اپ گريڊيشن‘ پاليسي جي پڻ منظوري ڏني. پاليسيءَ تحت ڳوٺاڻي علائقي ۾ پنجين ڪلاس جو اسڪول آھي جنھن ۾ 20 ٻارن جي داخلا آھي ۽ ھڪڙو ”ڪيچمينٽ ايريا اسڪول“ آھي جنھن ۾ 30 ٻارن جي داخلا پنجين ڪلاس ۾ آهي ۽ ٽن ڪلوميٽر تائين ڪوبه پرائمري اسڪول نه آهي، اهو اپگريڊيشن جو اهل هوندو. گرلز پرائمري اسڪول جنهن ۾ 15 نياڻين جي داخلا آهي تنهن کي اپ گريڊ ڪيو وڃي.   سردار شاهه جو چوڻ هو ته ميونسپل حد کان ٻاهر جيڪڏهن ڪنهن پرائمري اسڪول جي پنجين ڪلاس ۾ 20 ڇوڪرا ۽ 15 ڇوڪريون آهن ته ايليمنٽري اسڪول بڻايو ويندو.سندس چوڻ هو ته ميونسپل حد ۾ جيڪڏهن ڪنهن پرائمري اسڪول جي پنجين درجي ۾ 50 ٻار ۽ 30 ٻارڙيون آهن ته ان کي ايليمينٽري اسڪول ڊڪيلئر ڪيو ويندو. سنڌ ڪابينا گھڻي غور ويچار کانپوءِ سنڌ منزل سڪون اٿارٽي ايڪٽ جي قيام جي منظوري ڏني جنھن جو مقصد ماڊل قبرستانن ۽ قبرستانن جي قيام، انتظام ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ آھي. قانون جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته سڄي صوبي ۾ ڪيترائي تاريخي ۽ عوامي قبرستان آهن جتي ڪيترائي مشهور بزرگ، شاعر، سياستدان، دانشور، آزادي پسند ۽ لکين مقامي ماڻهو صدين کان دفن ٿيل آهن. صحت کاتي جي درخواست تي ڪابينا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ھينڊز ۽ MERF سان معاهدي کي وڌيڪ ڇھن مھينن لاءِ وڌايو ويو آهي. ڪابينا نجمي عالم کي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو وائيس چيئرمين مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.