وفاقي ادارن ۾ ماسترياڻين جي جينز،ٽائٽس ۽ مرد استاد جي ٽي شرٽ پهرڻ تي بندش

اسلام آباد (م ڊ) وفاق جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن ۾ استادن لاءِ ڊريس ڪوڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.  ان حوالي سان جاري نوٽيفڪيشن  موجب ماسترياڻين جي جينز ۽ ٽائٽس پائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته استاد جينز ۽ ٽي شرٽ نه پائيندا. نوٽيفڪيشن موجب استادن کي ڪلاس ۾ ٽيچنگ گائون ۽ ليبارٽري ۾ ليب ڪوٽ پائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پردو ڪندڙ ماسترياڻين کي صاف سٿرو اسڪارف ۽ حجاب پائڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي،کين سينڊل ۽ اسنيڪرز پائڻ جي اجازت هوندي پر سليپر پائڻ جي اجازت ناهي. نوٽيفڪيشن موجب استاد سياري ۾ گرم لوئي نه ويڙهي سگهندا پر مناسب ڊيزائن جو سوئيٽر، ڪوٽ ۽ جرسي پائي سگهندا. اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته استاد شلوار قميص سان گڏ واسڪٽ پائيندا.03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.