مشرف اين آر او ڏئي آئين ٽوڙڻ کان به وڏو ظلم ڪيو، پاڪستان بنگلاديش کان به پٺتي رهجي ويو:عمران خان

اسلام آباد (م ڊ)  وزيراعظم عمران خان چيو آھي ته پرويز مشرف ملڪ جو آئين ٽوڙي ظلم ڪيو پر فوجي آمر جو سڀ کان وڏو ظلم طاقتور کي اين آر او ڏيڻ هو، پئسو مشرف جو نه پر عوام جو هو، مشرف کي حق ئي نه هو ته  طاقتور کي معاف ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ ضلعي عدالتن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان اڳوڻي آمر پرويز مشرف ۽ اپوزيشن تي تنقيد ڪئي.  وزيراعظم چيو ته سڀ گڏجي ڌمڪي ڏين ٿا ته اسان لاءِ الڳ قانون ٺاهيو ۽ اين آر او ڏيو، نه ته حڪومت هلڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته  اها ڪهڙي قسم جي جدوجهد آهي، طاقتور سدائين قانون کان مٿي رهڻ گهرندو آهي، مهذب معاشرا کين قانون جي تابع آڻيندا آهن، قانون جي بالادستي نه هجڻ سبب پاڪستان پوئتي هليو ويو، بنگلاديش، سنگاپور ۽ ڀارت اڳتي نڪري ويا، ججز بحالي جي تحريڪ شاندار جدوجهد هئي، پر اُن جا گهربل نتيجا نه مليا. عمران خان چيو ته چيف جسٽس جي بحالي واري تحريڪ۾ حصو وٺڻ تي فخر آهي، اصل ۾ اها جدوجهد قانون جي بالادستي تي مشتمل هئي، اها هڪ آمر کي پيغام ڏئي رهي هئي ته هو ائين نه ٿو ڪري سگهي.  هن چيو ته افسوس جو هن جا جيڪي نتيجا نڪرڻ گهرجن ها، اهي نه مليا.  هن چيو ته پرڏيهه ۾ ويٺل 90 لک  پاڪستاني ملڪ لاءِ سرمايو آهن انهن جي جي ڊي پي ۽ پاڪستان جي جي ڊي پي برابر آهي، پر ملڪ ۾ انهن سان ڪهڙو سلوڪ پيو ٿئي. هو هتي پلاٽ ٿا وٺن ته اهو قبضو ٿي ٿو وڃي. عدالتن ۾ سال لڳي ٿا وڃن.  يورپ ۾ قبضا گروپ ناهي ڇاڪاڻ ته اتي قانون آهي. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.