ڪابل ۾ مظاهرا، پاڪستان خلاف نعريبازي، طالبان جي فائرنگ

ڪابل( م ڊ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ طالبان خلاف سوين ماڻهن احتجاج ڪيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان خلاف به نعريبازي ڪئي  وئي آهي. افغان راڄڌاني ڪابل ۾ ٽن هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. احتجاج ۾ پاڪستان ۽ ڳجهي ايجنسي خلاف نعرا هنيا ويا. احتجاجي مظاهرن تي فائرنگ به ڪئي وئي آهي.  هڪ عورت اڳواڻ چيو ته اسان پنهنجي ملڪ کي آزاد ڏسڻ چاهيون ٿا، ڪيستائين هي صورتحال ڪيستائين هلندي. هڪ ليڊي ڊاڪٽر زهريٰ محمد ي چيو ته اسان افغانستان جي آزادي چاهيون ٿا.مظاهري ۾ هڪ صحافي چيو ته هڪ اهلڪار صحافي کي لت هڻي کانئس ڪئميرا  به کسي ورتي ۽ چيو ته هتان نڪري وڃ. هوڏانهن طالبان جو چوڻ آهي ته هي مظاهرا پرڏيهي ايجنسين جي چوڻ تي نظام درهم برهم ڪرڻ لاءِ ٿي رهيا آهن. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.